اداڪاره مهوش حيات پُرڪشش عورتن جي لسٽ کان ناخوش

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) 2019 ۾ ايشيا جي 10 پُرڪشش ترين عورتن جي فهرست ۾ جاءِ ٺاهيندڙ اداڪاره مهوش حيات چيو آهي ته ماڻهو جسماني صفت تي نه پر ٽيلينٽ، ميرٽ ۽ عقل جي بنياد تي پرکيو وڃي. اداڪاره مهوش حيات 2019 ۾ ايشيا جي پرڪشش عورتن جي لسٽ ۾ 10هين پوزيشن تي اچڻ کان پوءِ مائيڪرو بلاگنگ سائيٽ تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو. مهوش حيات پنهنجي ٽوئيٽ ۾ لکيو ته هن کي پُرڪشش عورتن جي لسٽ ۾ شامل ڪرڻ کان پوءِ تمام گهڻا پيغام موصول ٿي رهيا آهن ۽ مبارڪون ملي رهيون آهن. اداڪاره وڌيڪ لکيو ته مون کي خوش ٿيڻ گهرجي ته مان ايشيا جي پُرڪشش عورتن جو حصو بڻي آهيان ۽ 10 سال اڳ مان پهرين پاڪستاني عورت هيس جيڪا هن لسٽ جو حصو بڻجڻ ۾ ڪامياب ٿي آهيان. مهوش حيات وڌيڪ لکيو ته ماڻهن کي ٽيلينٽ، ميرٽ ۽ عقل جي بنياد تي پرکڻ گهرجي نه رڳي جسماني صفتون ڏسي. واضح رهي ته برطانوي جريدي ويڪلي ايسٽرن آءِ جي 2019 جي ٽاپ 10 پُرڪشش ايشين عورتن جي لسٽ ۾ پاڪستاني اداڪاره ماهره خان ۽ مهوش حيادت کي به شامل ڪيو ويو هو. جاري ڪيل لسٽ ۾ ماهره خان ايشيا جي پُرڪشش عورتن ۾ چوٿين نمبر تي جڏهن ته اداڪاره مهوش حيات کي چهرن جي فهرست ۾ نائين نمبر تي شامل ڪيو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو