اتر وزيرستان ۾ بم ڌماڪي ۾ پاڪ فوج جو جوان شهيد

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ) اتر وزيرستان جي شهر ميران شاهه ۾ ڌماڪي ۾ پاڪ فوج جو هڪ جوان شهيد ٿي ويو. آءِ ايس پي آر موجب ڌماڪو ميران شاهه جي بويا روڊ تي سيڪيورٽي فورسز جي چيڪ پوسٽ ويجهو ديسي ٺهيل بارودي سرنگ جو ٿيو. ڌماڪي ۾ 33 ورهين جو سپاهي ساجد شهيد ٿي ويو. ڌماڪي بعد سيڪيورٽي فورسز علائقي کي گهيري ۾ وٺي آپريشن شروع ڪري ڇڏيو. واضع رهي ته هفتو اڳ به اتر وزيرستان ۾ پاڪ فوج جي قافلي ويجهو ڌماڪي ۾ هڪ آفيسير سميت 3 اهلڪار شهيد ٿي ويا هيا.

پهنجو تبصرو موڪليو