اتحادي پارٽين جو وفد مولانا کي پرچائڻ ۾ ناڪام،خالي هٿين واپس

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) مسلم ليگ(ن) ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي سميت ٻين اتحادي پارٽين جو وفد ايوان ۾ حمايت گهرڻ لاءِ مولانا فضل الرحمان جي رهائشگاهه تي پهتو پر انهن کي ڪاميابي نه ملي سگهي.اتحادي پارٽين جي ڳالهين واري ڪميٽي جو وفد يوسف رضا گيلاني جي سربراهي ۾ مولانا فضل الرحمان جي رهائشگاهه تي پهتو جن جو مولانا فضل الرحمان استقبال ڪيو.ڪميٽي جي ميمبرن ۾ احسن اقبال، اياز صادق، سعد رفيق، رانا تنوير، خورشيد شاهه، نويد قمر، صادق سنجراڻي، خالد مگسي، سينيٽر عبدالقادر، آءِ پي پي جو صدر عبدالعليم خان(ق) ليگ جو سالڪ حسين وفد ۾ شامل هئا.ڳالهين واري ڪميٽي جي مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ٿي ته جي يو آءِ جو مولانا عبدالغفور حيدري، مولانا عطاءُالرحمان، مولانا اسد محمود، مفتي مصباح الدين، اسلم غوري، حافظ حمدالله، عثمان باديني، نور عالم خان به اجلاس ۾ شريڪ ٿيا. ملاقات ۾ ملڪ جي سياسي صورتحال تي مشاورت ڪئي وئي.ڳالهين کان پوءِ حڪومتي ڪميٽي جي اڳواڻن صحافين سان ڳالهيون ڪيون. ليگي اڳواڻ سردار اياز صادق ٻڌايو ته مسلم ليگ(ن)، پ پ، بلوچستان عوامي پارٽي، مسلم ليگ(ق) اسان سڀ مولانا فضل الرحمان کان ووٽ گهرڻ آيا هئاسين. هن چيو ته اسان جمهوري ماڻهو آهيون اسان جو مولانا فضل الرحمان سان عزت جو تعلق به آهي. مولانا کي درخواست ڪئي آهي ته اهو صدر، وزيراعظم سميت ٻين آئيني عهدن جي لاءِ ايوان ۾ اسان کي ووٽ ڏئي.اياز صادق ٻڌايو ته ڳالهين دوران مولانا فضل الرحمان به پنهنجا خدشا پيش ڪيا جنهن تي ڳالهيون ڪيون ويون پر انهي ووٽ ڏيڻ جو راضپو ظاهر نه ڪيو. هن ٻڌايو ته هاڻ مولانا فضل الرحمان سان اسان جي اڳواڻن جي ملاقات ايوان ۾ ٿيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو