آمريڪا ۾ هيٽ ويو، شهرين جو وڏو انگ اسپتالن ۾ داخل

واشنگٽن: (ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۾ هيٽ ويو جو سلسلو برقرار آهي جنهن سبب متاثر شهرين جي علاج لاءِ اسپتالن ۾ آئس بيگز جو استعمال ڪيو پيو وڃي.برطانوي خبرون ڏيندڙ اداري موجب آمريڪا جي ڏاکڻي علائقن کي سج جي تپش پنهنجي وڪڙ ۾ آڻي ڇڏيو آهي جنهن سبب وڌندڙ گرمي سبب شهرين جي حالت خراب ٿي رهي آهي. ميڊيا رپورٽن موجب هيٽ ويو سبب گرمي لڳڻ کان پوءِ شهرين جو وڏو انگ مختلف اسپتالن ۾ داخل آهي جتي ڊاڪٽر شهرين جي علاج لاءِ آئس بيگز جو استعمال ڪري رهيا آهن.ميڊيا رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته گهڻا مريض مٿي جو سور، بلڊ پريشر گهٽ ٿيڻ، چڪر اچڻ سميت بيهوشي جي حالت ۾ اسپتال ۾ داخل ٿي رهيا آهن. ميڊيا رپورٽن موجب گرمي سبب متاثر علائقن ۾ لاڳيتو 19 ڏينهن کان گرمي پد 43 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو پيو وڃي. ميڊيا رپورٽن موجب گرمي جي تازي لهر فلوريڊا ۽ ڪيليفورنيا کي به سخت متاثر ڪيو آهي. ٻئي طرف گرمي کان بچڻ جي لاءِ اليڪٽرانڪس شين جي گهرج ۾ اضافو ٿي رهيو آهي ۽ عوام جو وڏو انگ ايئرڪنڊيشن استعمال ڪري رهيو آهي جنهن سبب بجلي جي استعمال ۾ به رڪارڊ اضافو ٿيو آهي. ٻئي پاسي گڏيل قومن به وارننگ جاري ڪري ڇڏي آهي ته دنيا سخت گرمي جي لهرن ۾ واڌ کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تيار رهي.

پهنجو تبصرو موڪليو