آمريڪا کان جنرل قاسم جي قتل جو بدلو وٺنداسين؛ سپريم ليڊر

تهران(ويب ڊيسڪ) ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خامنائي چيو آهي ته جنرل قاسم سليماني جي قتل جو بدلو ورتو ويندو. آمريڪا عراقي دارالحڪومت بغداد جي ايئرپورٽ تي راڪيٽ حملو ڪري ايران جي القدس فورس جي ڪمانڊر جنرل سليماني کي ماري ڇڏيو. قاسم سليماني جي مارجڻ تي آيت الله خامنائي ايران ۾ 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪندي جنرل قاسم سليماني جي قتل جي بدلي وٺڻ جو اعلان ڪيو. ان کان اڳ ايراني وزير خارجه جواد ظريف آمريڪي حملي تي سوشل ميڊيا تي رد عمل۾ چيو آهي ته جنرل سليماني تي حملو ڪري آمريڪا عالمي دهشتگردي ڪئي آهي. جواد ظريف پنهنجي ٽوئٽر اڪائونٽ تي وڌيڪ چيو ته جنرل سليماني تي حملو ڪري آمريڪا انتهائي خطرناڪ ۽ بيوقوفاڻو قدم کنيو آهي. هن چيو ته جنرل سيلماني جي فورس داعش، القاعده ۽ النصره خلاف ويڙهه ۾ سڀ کان طاقتور هئي. خيال رهي ته گذريل ڪجهه ڏينهن کان ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال آهي ڪجهه ئي ڏينهن اڳ آمريڪا عراق ۾ فضائي حملو ڪري مقامي مليشيا حزب الله جي 15 ويڙهاڪن کي قتل ڪيو هو جنهن جي ردعمل ۾ سوين مظاهرين بغداد ۾ آمريڪي سفارتخاني تي چڙهائي ڪري ڀڃ ڊاهه ڪري سفارتخاني کي نقصان پهچايو هو. آمريڪا سفارتخاني جي حملي جي ذميواري ايران تي لڳائيندي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو هو ته ايران کي ان حملي جي وڏي قيمت چڪائڻي پوندي.

پهنجو تبصرو موڪليو