آمريڪا پاران پاڪستان لاءِ 15 لک ويڪيسن جو اعلان

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر جو بائيڊن جي پريس ترجمان جين ساڪي پڌرو ڪيو آهي ته پاڪستان کي موڊرينا ويڪسين جون 15 لک خوراڪون امداد ۾ ڏنيون پيون وڃن. ترجمان موجب پيرو کي 20 لک فائزرويڪسين جي خوراڪن جي امداد ڏيڻ جي به منظوري ڏني وئي آهي. ويڪسين جو اعلانيل خوراڪون جلد انهن ملڪن حوالي ڪيون وينديون. ٻئي پاسي ترڪي اعلان ڪيو آهي ته پاڪستان ۽ افغانستان مان ايندڙن کي 10 ڏينهن قرنطينه مرڪز ۾ رکيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو