آمريڪا پاران سعودي عرب ۾ فوج موڪلڻ جو اعلان

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪا سعودي عرب پنهنجي فوج موڪلڻ جو  اعلان ڪيو آهي، وزير دفاع مارڪ ايسپر اهڙو اعلان ڪندي چيو آهي ته فوج دفاعي مقصد لاءِ موڪلي رهيا آهيون، هن ٻڌايو ته سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارات جي درخواست تي گلف ۾ فوج تعينات ڪنداسين جنهن جو تعداد هزارن م نه هوندو پر وچولي سطح جو هوندو. سعودي عرب ۾ مقرر ٿيندڙ  فوج ايئر ميزائيل ڊفينس سيسٽم تي مشتمل آهي. گذريل ڇنڇر تي سعودي عرب جي ٻن تيل ريفائنريز تي ٿيل حملن بعد عالمي منڊي ۾ سعودي عرب اڌ تيل جي فراهمي معطل ڪري ڇڏي جنهن سبب تيل جي اگهن ۾ 20 سيڪڙو کان به وڌيڪ اضافو ٿيو. انهن حملن جي ذميواري يمن جي ايران نواز حوثي باغين قبول ڪئي پر آمريڪا حملن ۾ ايران جي ملوث هئڻ جو الزام مڙهيو. بعد ۾ سعودي به چيو ته حملا ايراني اسپانسرڊ هئا ۽ حملي ۾ استعمال ڪيل ڊرونز ۽ ميزائيل ايراني هئا. ايران ان جو انڪار ڪيو هو. ان کان اڳ صدر ٽرمپ ايران تي وڌيڪ اقتصادي پابنديون مڙهيندي چيو ته دنيا ۾ اڄ تائين ڪنهن به ملڪ تي اهڙيون سخت پابنديون ناهن مڙهيون جيڪي ايران تي مڙهيون آهن. ان باري ۾ وڌيڪ پڙهو.

سعودي عرب پاران ايران جي حملي جا ثبوت پيش

تيل جي فراهمي متاثر، اگهن ۾ 20 سيڪڙو واڌ

آمريڪي الزام ڌوڪيبازي آهن، ايران

پهنجو تبصرو موڪليو