آمريڪا ايندڙ سال 15 واپاري وفد پاڪستان موڪليندو؛ ايلس ويلز

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا پاڪستان سان واپار ۾ اضافي ڪرڻ جي حوالي سان جائزو وٺڻ لاءِ ايندڙ سال 15 تجارتي وفد موڪليندو. رپورٽ مطابق آمريڪي معاون سيڪريٽري ايلس ويلز واشنگٽن ۾ هڪ ٿنڪ ٽينڪ ۾ دستاويز پڙهي هئي جنهن ۾ گهڻو پاڪ چين اقتصادي راهداري سي پيڪ منصوبي تي ڳالهايو ويو ليڪن ان ۾ پاڪستان ۽ آمريڪا جي تجارت کي فروغ ڏيڻ لاءِ تجويزون به شامل آهن. مذڪوره دستاويز آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي سرڪاري ويب سائيٽ تي شايع ڪئي وئي آهي جنهن مطابق آمريڪي وزارت تجارت پاڪستان جي حوالي سان پنهنجي سرگرمين جو آغاز ڪيو ويو آهي جنهن تحت ايندڙ سال 15 تجارتي وفد پاڪستان موڪليندو. دستاويز ۾ لکيو ويو آهي ته هڪ ڀيرو جڏهن وڌايل مالي تعاون جي ترقي ڊي ايف سي جو آغاز ٿيندو ته پاڪستان وڏا فائدا حاصل ڪندڙ ملڪ بڻجي ويندو.  دستاويز مطابق ڊي ايف سي ۾ سرمائيڪاري جو ڪاٿو اوور سيز پرائيويٽ ڪارپوريشن کان ٻيڻ تي وڌيڪ هوندي ۽ اها 29 ارب ڊالر کان وڌي 60 ارب ڊالر تائين پهچي ويندي. ياد رهي ته او پي آءِ سي آمريڪي ادارو آهي جيڪو غير ملڪي سرمائيڪاري لاءِ نجي سرمائيڪاري کي متحرڪ ڪندو آهي. دستاويز ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو آهي ته سرمايو ٻيڻو ٿيڻ سان اعليٰ معيار جي منصوبن ۾ سرمائيڪاري ٿيندي ۽ ان سان مالياتي استحڪام وڏي عرصي تائين برقرار رهندا. هن جو چوڻ هو ته وزيراعظم پاڪستان عمران خان جي آمريڪا دوري جي موقعي تي آمريڪا سان تجارتي تعلقات کي فروغ ڏيڻ ۽ سرمائيڪاري تعلقات جي حوالي سان گهڻو پرجوش هيو ۽ ٻئي ملڪ ان کي عملي جامو پارائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن. دستاويز ۾ آمريڪا ۽ پاڪستان وچ ۾ موجود تجارتي رابطن جو به ذڪر ڪيو ويو. هن وڌيڪ چيو ته آمريڪي ڪمپنيون اعليٰ معيار ۽ ٽيڪنالوجي فراهم ڪري رهيون آهن ۽ پاڪستاني اڳواڻ اڪثر پاڪستاني ڪمپنين جي ساراهه ڪندا آهن. ان سان گڏ آمريڪا پاڪستان ۾ ڪجهه معتبر اعليٰ تعليمي ادارا قائم ڪرڻ ۾ به مدد ڪئي جنهن ۾ لمز، آءِ بي اي، جي پي ايم چي ۽ نسٽ ۾ سينٽر فار ايڊوانسڊ اسٽڊيز انرجي به شامل آهن. ايلس ويلز جو دستاويز ۾ وڌيڪ چوڻ هو ته اها ڳالهه واضح آهي ته آمريڪا ۽ پاڪستان وچ ۾ ڊولپمينٽ شراڪت بنيادي طور تي گرانٽس (امداد) تي مشتمل آهي قرضن تي نه جو ان طرف اشارو ڪن ٿا جيڪو اسان جو تصور آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو