اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته آصف علي زرداري ۽ نواز شريف ۾ باضابطا ملاقات ناهي ٿي.ميڊيا ۾ ڳالهائيندي فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته آصف علي زرداري خانگي دوري تي دبئي ويو آهي.هن چيو ته پيپلز پارٽي چاهي ٿي ته ملڪ ۾ چونڊون وقت تي ٿين.فيصل ڪريم ڪنڊي جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي سياسي پارٽين تي پابندي جي خلاف آهي.واضح رهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ پاڪستان مسلم ليگ ن وچ ۾ ٻه ڏينهن اڳ دبئي ۾ ملاقات ٿي هئي.ذريعن جو چوڻ هو ته پيپلز پارٽي ن ليگ کان پنجاب سميت ٻين صوبن ۾ سيٽون طلب ڪيون آهن.ذريعن جو چوڻ آهي ته مسلم ليگ ن گيلاني خاندان، پرويز اشرف، قمر زمان ڪائره، نديم افضل چن ۽ ڪجهه ٻين جي تڪن ۾ پنهنجا اميدوار بيهاريندي.
