هزارين آلين اکين سان نمرتا جون آخري رسمون ادا،شهر سوڳ ۾ بند

ميرپورماٿيلو / لاڙڪاڻو (ظهير ويسر ۽ عبدالوحيد  ابڙو ) نمرتا جو موت گهٽو اچڻ سبب ساهه ٻوساٽجڻ جي ڪري واقع ٿيو آهي. اهڙو اظهار پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽرياڻي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. وڌيڪ سوالن جا جواب ڏيڻ کان لنوائي هوءِ ڊي آءِ جي آفيس هلي وئي.

هوڏانهن نمرتا جو لاش وارث ميرپور ماٿيلو کڻائي آيا، سوڳ ۾ شهر بند ٿي ويو. هندو برادري ۽ سول سوسائٽي جا نمائندا متاثره خاندان سان همدردي لاءِ سندن گهر پهچي ويا. آخري رسومات ادا ڪيون ويون.

هزارين آلين اکين سان سندس اگني سنسار ڪيو ويو. ياد رهي ته آصفه ڊينٽل ڪالج جي هاسٽل مان گذريل ڏينهن آخري سال جي هندو شاگردياڻي نمرتا ڌيءَ جئيپال داس جو پراسرار نموني لاش هٿ آيو هو. پوليس لاش پوست مارٽم لاءِ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج کڻائي آئي جتي سندس وارثن پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽرن جي ٽيم تي عدم اعتماد ظاهر ڪيو ۽ جزا ڪراچي موڪلڻ جو مطالبو ڪيو. رات 4 وڳي تائين تڪرار هلندپو رهيو ۽ آخر ڪار ورتل جزا ڇوڪري جي وارثن پنهنجي خرچ تي ڪراچي موڪلڻ جي آڇ به ڪئي. وائيس چانسلر ڊاڪٽر انيلا ميمڻ جو چوڻ آهي ته هوءَ هاسٽل جي ڪمري ۾ اڪيلي رهندي هئي، سندس ڳچي تي نشان موجود آهن، بظاهر لڳي پيو ته هن خودڪشي ڪئي آهي پر اسين جاچ لاءِ ڪاميٽي جوڙي آهي. نمرتا جي ڀاءُ ڊاڪٽر وشال جو چوڻ آهي ته سندس ڀيڻ خودڪشي ناهي ڪئي، خودڪشي واري جي ڳچي تي وي شڪل جو نشان هوندو آهي، هن جي ڳچي تي گول نشان آهي ۽ اهو تار جو لڳي رهيو آهي . هن ٻڌايو ته نمرتا تمام خوش رهڻ واري ڇوڪري هئي هوءَ خود ڪشي نٿي ڪري سگهي. نمرتا جي کاٻي بانهن جي چنبيءَ وٽ به نشان آهي جيڪو ظاهر ڪري ٿو ته کيس پڪڙي سندس ڳلو دٻايو ويو آهي.

نمرتا جا وارث اسپتال ۾ احتجاج ڪندي

ڇوڪري جي وارثن جو چوڻ آهي ته  ڊاڪٽر نمرتا ڪماري خود ڪشي نٿي ڪري سگهي ۽ انتظاميا اصل معاملي کي لڪائي رهي آهي. نمرتا گهوٽڪي جي رهائشي آهي ۽ سندس ڀاءُ ڊاڪٽر وشال جو چوڻ آهي ته هو ءَ گهر جي لاڏلي هئي، 100 گهرندي هئي ته کيس 1000 ملندو هو، مان پاڻ ڊاڪٽر آهيان خود ڪشي نٿي لڳي، تشدد جو معاملو آهي ان جي مڪمل جاچ ٿيڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو