آسٽريليا ڀارت جي اڏامن تي پابندي هڻي ڇڏي

سڊني(ويب ڊيسڪ)  انڊيا ۾ ڪورونا وبا جي صورتحال انتهائي خراب ٿيڻ بعد آسٽريليا به ڀارت جي اڏامن تي پابندي هڻي ڇڏي آهي.سڊني ۾ آسٽريلوي وزيراعظم اسڪوٽ موريسن پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته 15 مئي تائين  ڀارت کان فلائيٽ سڌي ريت آسٽريليا نه ويندي، هن ڀارت جي لاءِ امدادي پيڪيج جو پڻ اعلان ڪيو، پيڪيج ۾ 500 وينٽي ليٽرز ۽ 10 لک  سرجيڪل ماسڪ شامل هوندا ، آسٽريلوي ماڻهن تي پهريان کان ئي ڀارت وڃڻ تي پابندي پيل آهي.ياد رهي ته ڀارت ۾ ڪورونا وبا جي صورتحال مسلسل خراب آهي، وڌيڪ 2 هزار 764 ماڻهو زندگي جي بازي هارائي ويٺا جڏهن ته 3 لک 19 هزار کان وڌيڪ ماڻهن ۾ وائرس ظاهر ٿيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو