آسٽريليا خطرناڪ آهي پر شاهين کي بالنگ ۾ مزو ايندو: آفريدي

لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻو ڪپتان شاهد آفريدي پاڪستان آسٽريليا خلاف ٽيسٽ سيريز ۾ دلچسپ مقابلي جي اميد رکي ٿو.سندس چوڻ آهي ته آسٽريليا پنهنجي حالتن ۾ انتهائي خطرناڪ ٽيم آهي ۽ موجوده آسٽريلوي ٽيم جو بيٽنگ آرڊر ڏاڍو تنگ آهي.شاهد آفريدي فاسٽ بالر شاهين آفريدي کي آسٽريليا خلاف پاڪستان جو اهم هٿيار قرار ڏنو آهي.سندس چوڻ آهي ته شاهين آفريدي آسٽريلوي حالتن ۾ بالنگ جو مزو وٺندو، هو ڪنهن به بيٽسمين لاءِ مسئلا پيدا ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو.شاهد آفريدي جو چوڻ آهي ته آسٽريليا جي بهترين رانديگرن خلاف ڪرڪيٽ کيڏڻ خوش قسمتي هئي، شين وارن کان بالنگ جون ٽائپس وٺندو هو، هو شاندار ڪرڪيٽر ۽ فائٽر هو.

پهنجو تبصرو موڪليو