آسٽريا جو چانسلر ڪرپشن الزامن بعد مستعفي

ويانا(ويب ڊيسڪ) آسٽريا جي چانسلر سيبسٽين ڪرز ڪرپشن جي الزامن بعد استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. سندس چوڻ آهي ته پرڏيهي کاتي جي وزير کي نئون چانسلر بڻايو وڃي. مٿس الزام آهي ته 2016 کان 2018 جي وڄ ڌاري سندس اثر سبب فنانس منسٽري ٽيبلائڊ (اخبار) کي فنڊز جاري ڪيا جيئن سندس پارٽي ’او وي ام پيپلز پارٽي‘ چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪري. الزام موجب اخبار سندس حق ۾ عوامي سروي شايع ڪيا. هو 31 سالن جي ڄمار ۾ 2017 ۾ پنهنجي پارٽي جو سربراهه بڻيو جنهن چونڊ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو