آزاد ڪشمير ۾ پي پي جون حڪومت ٺاهڻ لاءِ ڪوششُون تيز

آزاد ڪشمير ۾ پي پي جون حڪومت ٺاهڻ لاءِ ڪوششُون تيز

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان پيپلز پارٽي آزاد ڪشمير ۾ حڪومت جي تبديلي لاءِ وزيراعظم چوڌري انورالحق خلاف بي اعتمادي جي تحريڪ آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن جي منظوري صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ ڪالهه ڏني وئي هئي. آزاد ڪشمير جي آئين ساز اسيمبلي ۾ حڪومت سازي لاءِ صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم شهباز شريف سان رابطو ڪيو، جنهن تي شهباز شريف مسلم ليگ (ن) جي آزاد ڪشمير امور ڪميٽي کي پيپلز پارٽي سان ڳالهين جو ٽاسڪ سونپيو آهي. آزاد ڪشمير ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ پيپلز پارٽي کي 27 ميمبرن جي حمايت جي ضرورت پوندي، جڏهن⁠ته هن وقت آئين ساز اسيمبلي ۾ پيپلز پارٽي جا ميمبر 17 آهن. مسلم ليگ (ن) هن وقت 9 ميمبرن سان ايوان ۾ موجود آهي، جڏهن⁠ته پاڪستان تحريڪِ انصاف جا ميمبر 4 آهن. مسلم ڪانفرنس ۽ جمون⁠ڪشمير پيپلز پارٽي جو هڪ⁠ هڪ ميمبر ايوان ۾ موجود آهي، جڏهن⁠ته فارورڊ بلاڪ ۾ 20 ميمبر شامل آهن. مسلم ليگ (ن) جي حمايت سان پيپلز پارٽي وٽ ڪل ميمبرن جو انگ 26 ٿي ويندو. مسلم ليگ (ن) آزاد ڪشمير جي صدر شاهه غلام قادر اڳ ئي اپوزيشن ۾ ويهڻ جو اعلان ڪري چڪو آهي، جڏهن⁠ته اڳوڻي وزيراعظم آزاد ڪشمير راجا فاروق حيدر به چيو آهي ته (ن)⁠ليگ آزاد ڪشمير ۾ حڪومت سازي جو حصو نه بڻجندي، اسان اپوزيشن بئنچن تي ويهنداسين. ذريعن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن مسلم ليگ (ن) پيپلزپارٽي جي حمايت نه ڪري ته فارورڊ بلاڪ جي ميمبرن جي اهميت وڌي ويندي۔ پيپلز پارٽي نمبر گيم مڪمل ڪرڻ لاءِ فارورڊ بلاڪ جي ميمبرن سان رابطا تيز ڪري ڇڏيا آهن. ذريعن موجب پيپلز پارٽي قيادت طرفان حڪومت ٺاهڻ جي حڪمت عملي بابت صلاح⁠مشورا جاري آهن، ۽ ايندڙ ڏينهن ۾ اهم سياسي پيش رفت جو امڪان آهي. بلاول ڀٽو پڻ آزاد ڪشمير جي پي پي اڳواڻن جو اجلاس گهرائي حڪومت سازي لاءِ مشاورت ڪئي هئي، جنهن ۾ راجا پرويز اشرف ۽ قمر الزمان ڪائره به شريڪ ٿيا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو