آزاد ڪشمير ۽ جهلم ۾ زلزلي جا لوڏا جاري، 50 کان وڌيڪ زخمي

مظفرآباد (ڊيسڪ نيوز) آزاد ڪشمير جي شهر ميرپور ۽ پنجاب جي جهلم ۽ ٻين ڀرپاسي وارن شهرن ۾ اڄ ٻيهر زلزلو آيو. آمريڪن جيالاجيڪل سروي مطابق ريڪٽر اسڪيل تي زلزلي جي شدت 4.7 هئي ۽ ان جي گهرائي 10 ڪلوميٽر هئي. جڏهن ته زلزلن جي ڪَٿ ڪرڻ واري پاڪستان جي قومي مرڪز مطابق زلزلو 4.4 جي شدت وارو هيو. ان جو مرڪز جهلم کان 06 ڪلوميٽر اتر ۾ ۽ گهرائي 12 ڪلوميٽر هئي. اڄوڪي زلزلي سبب ميرپور شهر ۾ 56 ماڻهن زخمي ٿيڻ جا اطلاع مليا آهن. زلزلي سجي لوڏن سبب ماڻهو گهرن، آفيسن ۽ ٻين عمارتن مان خوف وچان دانهون ڪندا ٻاهر نڪري آيا.

پهنجو تبصرو موڪليو