ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر)تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فردوس شميم نقوي جو چوڻ آهي ته آزادي لاءِ بيٺو آهيان. فردوس شميم نقوي اهڙو اظهار ڪراچي جي سٽي ڪورٽ ۾ پيشي جي موقعي تي ميڊيا سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. چوندا آهن ته سمجهه ۾ نٿو اچي ته ماڻهن کي ڪهڙي پريشاني آهي، زندگي، موت، عزت ۽ ذلت ڏيڻ وارو الله ئي آهي. فردوس شميم نقوي به چيو ته مان پاڪستان لاءِ آهيان، تحريڪ انصاف پاڪستان لاءِ آهي.
