آرمي چيف خلاف مهم،وزيراعظم جي مذمت،ڪاروائي جو حڪم

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف آرمي چيف جنرل عاصم منير جي قتل بابت سوشل ميڊيا تي هلندڙ مهم جي سخت مذمت ڪئي آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته 9 مئي جي ڪاري ڏينهن لاءِ به اهڙي ئي سوچ هئي، 9 مئي جي سازش ڪندڙن، سهولتڪارن ۽ هٿيارن جي لاءِ واضح پيغام آهي ته سندن هر سازش کي ناڪام بڻايو ويندو. وزيراعظم چيو ته آرمي چيف ۽ پاڪ فوج خلاف خراب ميڊيا مهم بدين جي پلاننگ جو نتيجو آهي، سازشي ذهن ۽ عنصر ٻيهر سياسي ۽ معاشي استحڪام خلاف سرگرم ٿي ويا آهن.وزيراعظم چيو ته شهيدن خلاف گندي ميڊيا مهم هلائيندڙن جي نئين مهم ان ئي منصوبي جي ڪڙي آهي. وزيراعظم لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته هو اندرون ۽ ٻاهرين ميڊيا مهم هلائيندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪن.هن چيو ته فوج ۽ ان جي سربراهه خلاف ميڊيا مهم اظهار جي آزادي جي زمري ۾ نٿي اچي هي ميڊيا مهم هڪ سازش آهي جنهن کي پوري قوت سان روڪڻ قانوني فرض آهي.قوم 9 مئي جي سول جنگ جي سازش وانگر ان گھناؤني سازش کي ناڪام بڻائيندي.هن وڌيڪ چيو ته مايوسي ۽ نااميدي جي ماحول ۾ دشمن عناصر کي نئون بحران پيدا ڪرڻ نه ڏنو ويندو، قوم پنهنجي فوج ۽ پنهنجي قائد سان گڏ بيٺل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو