آرمي چيف جي مدي ۾ واڌ ۽ مشرف جو ٽرائل روڪرائڻ خلاف وڪيلن جي هڙتال

ڪراچي (نمائندن وٽان) آرمي چيف جي مدت ملازمت  ۾ واڌ ڪرڻ ۽ اڳوڻي آمر پرويز مشرف جي غداري ڪيس جو فيصلو روڪرائڻ تي وفاقي حڪومت خلاف پاڪستان بار ڪائونسل جي سڏ تي پوري ملڪ ۾ وڪيلن هڙتال ڪئي. چئني صوبائي هاءِ ڪورٽس ۽ ضلعي عدالتن ۾ ڪا وهنوار سخت متاثر ٿيو. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ ڪراچي جي سٽي ڪورٽ سميت سمورين عدالتن جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. وڪيلن پاران سنڌ هاءِ  ڪورٽ جي مين گيٽ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. وڪيل اڳواڻ صبح جو سوير کان ئي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ ٻين عدالتن ۾ داخل ٿيڻ وارن مک رستن تي بيهي وڪيلن ۽ سائلين کي عدالت ۾ داخل ٿيڻ کان روڪيندا رهيا. ان موقعي تي وڪيل اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته حڪومت پاران آرمي چيف جي ملازمت واري مدي ۾ واڌ ڏيڻ لاءِ ترميم ڪئي ۽ سپريم ڪورٽ ۾ گمراهه ڪندڙ ۽ غلط دستاويز پيش ڪيا ويا. اڳواڻن چيو ته پرويز مشرف جو سنگين غداري ڪيس روڪرائي حڪومت غير آئيني ڪم ڪيو آهي. حڪومت جي اهڙي عمل خلاف سڄي ملڪ جا وڪيل سراپا احتجاج آهن. هوڏانهن ڪراچي بار ڪائونسل پاران آرمي چيف جي مدي ۾ واڌ ۽ پرويز مشرف جو ڪيس روڪرائڻ جي حوالي سان سمورن ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ججز کي خط پڻ لکيو ويو آهي جنهن ۾ اپيل ڪئي وئي آهي ته سمورين عدالتن جون ڪارروايون روڪيون وڃن. خط ۾ ڪراچي بار پاران حڪومتي رويي خلاف سمورين عدالتن کي ڪارروايون معطل ڪرڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي. ڪراچي بار پاران وڪيل برادري کي پڻ عدالتن جو بائيڪاٽ ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي. ****ڊگهڙي مان بشير شاهه موجب وڪيلن پاران حڪومتي قدمن خلاف پوري ملڪ ۾ هڙتال جي ڏنل سڏ جي موٽ ۾ بارڪائونسل تعلقه ڊگهڙي پاران صدر ايڊوڪيٽ وسيم قائمخاني،عامر ملڪ،ايوب رمداڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ عدالتي ڪاراوين جو بائيڪاٽ ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو