آدم ڳڻپ سنڌ جو ٻيو نمبر وڏو ضلعو خيرپور قرار

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) 2023 جي آدم ڳڻپ جي عبوري انگن اکرن موجب ڪراچي ڊويزن جي ضلعن کانپوءِ سنڌ جو ٻيو نمبر وڏو ضلعو، حيدرآباد نہ پر خيرپور آھي، جنھن جي آبادي 29 لک 65 ھزار آھي. حيدرآباد ضلعي جي آبادي 26 لک 8 ھزار آھي. سنڌ جو سڀني کان وڏو ضلعو ڪراچي سينٽرل (37 لک 23 ھزار)، ٻئي نمبر تي ڪراچي ايسٽ 33 لک 38 ھزار ۽ ٽئين نمبر تي ڪورنگي 31 لک 72 ھزار آھي. ڪٽنب جي حساب سان سنڌ جو سڀني کان ننڍو ضلعو بدين آھي جتي ڪٽنب 4.89 ڀاتين تي ٻڌل آھي. جڏھن تہ شڪارپور ۾ سڀني کان وڏو ڪٽنب آھي جتي ڀاتين جو سراسري انگ 6.52 آھي. سنڌ جو سڀني کان ننڍو ضلعو ٽنڊو محمد خان آهي جنهن جي آبادي 7 لک 60 هزار آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو