آدمشماري جا انگ اکرجاري،ملڪ جي آبادي 20 ڪروڙ 76 لک

اسلام آباد(رپورٽ الله وسايو گهوٽو) شماريات کاتي 2017ع ۾ ٿيل آدمشماري جا حتمي انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن، ملڪ جي ڪل آبادي 20 ڪروڙ 76 لک ڄاڻائي وئي آهي، جنهن ۾ 10 ڪروڙ 60 لک 18 هزار 220 مرد، 10 ڪروڙ 13 لک 44 هزار 632 عورتون، 21 هزار 220 کدڙا فقير شامل آهن. ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سنڌ ۾ ٻهراڙين جي ڀيٽ ۾ شهرن ۾ آبادي وڌيڪ ڏيکاري وئي آهي، جڏهن ته مجموعي طور تي ملڪ ۾ شهرن جي ڀيٽ ۾ ٻهراڙين ۾ رهندڙن جو انگ 100 سيڪڙو وڌيڪ آهي. ڪراچي جي آبادي هڪ ڪروڙ 60 لک 24 هزار 894، لاهور جي هڪ ڪروڙ 11 لک 19 هزار 985 ۽ سنڌ صوبي جي مجموعي آبادي 4 ڪروڙ 78 لک 54 هزار 510 ۽ پنجاب جي 10 ڪروڙ 88 لک 89 هزار 655 فرد ڄاڻائي وئي آهي. مليل اطلاعن موجب 2017ع ۾ ٿيل ڇهين آدمشماري جا حتمي انگ اکر چئن سالن بعد شماريات کاتي جاري ڪري ڇڏيا آهن. گڏيل مفادن واري ڪائونسل گذريل مهيني 12 اپريل تي ڇهين آدمشماري جا انگ اکر جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني هئي، شماريات کاتي پاران آدمشماري جي جاري ڪيل حتمي نتيجن مطابق پاڪستان جي ڪل آبادي 20 ڪروڙ 76 لک 84 هزار 626 ڄاڻائي وئي آهي، جنهن ۾ مردن جو تعداد 10 ڪروڙ 60 لک 18 هزار 220 عورتن جو 10 ڪروڙ 13 لک 44 هزار 632 ۽ کدڙن فقيرن جو 21 هزار 220 کدڙا فقير شامل آهن. ٻهراڙين جي آبادي 13 ڪروڙ 20 لک 13 هزار 789 ۽ شهرن جي 7 ڪروڙ 70 لک 837 هزار آهي، 1998ع جي ڀيٽ ۾ 2017ع ۾ آبادي ۾ واڌ جي سالياڻي شرح 2.40 سيڪڙول شهري علائقن ۾ 3.01 ۽ ٻهراڙين ۾ 2.07 سيڪڙو رهي. پاڪستان ۾ سراسري طور في گهر ۾ ۾ 6.39 ڀاتي رهندا آهن. انگن اکرن ۾ پنجاب جي 10 ڪروڙ 88 لک 89 هزار 655 فرد ڄاڻائي وئي آهي سنڌ صوبي جي مجموعي آبادي 4 ڪروڙ 78 لک 54 هزار 510 آهي. خيبرپختون خوا جي آبادي جي 3 ڪروڙ 5 لک 8 هزار 920 ۽ بلوچستان جي هڪ ڪروڙ 23 لک 35 هزار 129 ماڻهن تي ٻڌل آهي. ڪراچي جي آبادي هڪ ڪروڙ 60 لک 24 هزار 894 ڄاڻائي وئي آهي جنهن ۾ سينٽرل ضلعي جي 29 لک 71 هزار 382، اوڀر ڪراچي جي 28 لک 75 هزار 315، ڪراچي ڏکڻ جي 17 للک 69 هزار 230، ڪراچي اولهه جي 39 لک 7 هزار 65، ضلعي ڪورنگي جي 25 لک 77 هزار 556 ۽ ضلعي ملير جي 19 لک 24 هزار 346 آهي. حيدرآباد ضلعي جي آبادي 21 لک 99 هزار 928 آهي. سکر ضلعي جي آبادي 14 لک 88 هزار 372، لاڙڪاڻي ضلعي جي 15 لک 21 هزار 786 آهي. پنجاب جي ضلعي لاهور جي آبادي هڪ ڪروڙ 11 لک 19 هزار 985، فيصل آباد جي 78 ڪل 82 هزار 444، راولپنڊي جي 54 لک 2 هزار 380، گجرانوالا جي 50 لک 11 هزار 66، سيالڪوٽ جي 38 لک 94 هزار 938، رحيم يار خان جي 48 لک 7 هزار 762، سرگوڌا جي 36 لک 96 هزار 212 ۽ ملتان ضلعي جي آبادي 47 لک 46 هزار 166 فرد ڄاڻائي وئي آهي. خيبرپختون خوا ۾ پشاور جي آبادي 42 لک 67 هزار 198، مردان ضلعي جي 23 لک 73 هزار 399، سوات جي 23 لک 8 هزار 624، ڊيرا اسماعيل خان جي 16 لک 25 هزار 88، نوشهره جي 15 لک 20 هزار 995، بلوچستان جي ضلعي ڪوئيٽا جي آبادي 22 لک 69 هزار 473 ۽ وفاقي راڄڌاني اسلام آباد جي آبادي 20 لک 3 هزار 368 آهي. فاٽا جي آبادي ڌار ڄاڻائي وئي آهي جنهن موجب سمورن ضلعن جي ڪل آبادي 49 لک 93 هزار 44 آهي. شماريات کاتي جي انگن اکرن موجب وفاقي راڄڌاني اسلام آباد جي آباد ۾ واڌ جي شرح سڀني کان وڌيڪ 4.9 سيڪڙو آهي ۽ انجي ٻهراڙين ۾ آبادي جي واڌ جي شرح 6.96 سيڪڙو، پنجاب ۾ واڌ جي شرح 2.13 سيڪڙو، سنڌ ۾ 2.41 سيڪڙو، ڪي پي ڪي ۾ 2.89، بلوچستان ۾ 3.37 ۽ فاٽا ۾ 2.40 سيڪڙو آهي. شماريات کاتي پاران جاري ڪيل انگرن اکرن موجب ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سنڌ ۾ ٻهراڙين جي ڀيٽ ۾ شهرين ۾ آبادي وڌيڪ ڏيکاري وئي آهي، جڏهن ته مجموعي طور تي ملڪ ۾ شهرن جي ڀيٽ ۾ ٻهراڙين ۾ رهندڙن جو انگ اٽڪل 100 سيڪڙو وڌيڪ آهي. انگن اکرن موجب پاڪستان جي مجموعي طور تي .4436 سيڪڙو آبادي يا 7 ڪروڙ 56 لک 70 هزار 837 فرد شهرن ۽ 63.56 سيڪڙو يا 13 ڪروڙ 20 لک 13 هزار 789 فرد بهراڙين ۾ رهندا آهن. پنجاب ۾ 63.14سيڪڙو يا 6 ڪروڙ 94 لک 42 هزار 450 فرد ٻهراڙين۽ 36.86 سيڪڙو يا 4 ڪروڙ 5 لک 47 هزار 205 فرد شهرن ۾ رهندا آهن. سنڌ ۾ 51.89 سيڪڙو آبادي يا 2 ڪروڙ 48 لک 32 هزار 634 فرد شهرن ۾ ۽ 48.11 سيڪڙو يا 2 ڪروڙ 30 لک 21 هزار 876 فرد ٻهراڙين ۾ رهندا آهن. 1998ع جي آدمشماري موجب هڪ ڪروڙ 56 لک 31 فرد ٻهراڙين ۽ هڪ ڪروڙ 48 لک 30 هزار 862 فرد شهرن ۾ رهندا هئا ان وقت سنڌ جي آبادي 3 ڪروڙ 4 لک 39 هزار 893 ڄاڻائي وئي هئي. بلوچستان ۾ 27.62سيڪڙو يا 34 لک 6 هزار 701 فرد شهرن ۽ 72.38 سيڪڙو يا 89 لک 28 هزار 428 فرد ٻهراڙين ۾ رهندا آهن. خيبر پختون خوا جي 18.80 سيڪڙو يا 57 لک 35 هزار 428 آبادي شهرن ۽ 82.20 سيڪڙو يا 2 ڪروڙ 47 لک 73 هزار 492 آبادي ٻهراڙين ۾ رهندي آهي. فاٽا ۾ 2.80 سيڪڙو يا هڪ لک 39 هزار 886 آبادي شهرن ۽ 97.20 سيڪڙو يا 48 لک 53 هزار 178 آبادي ٻهراڙين، وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ 50.37 سيڪڙو يا 10 لک 9 هزار 3 فرد شهرن ۽ 49.63 سيڪڙو يا 9 لک 94 هزار 365 فرد ٻهراڙين ۾ رهندا آهن. ملڪ جي ڪل آبادي 20 ڪروڙ 76 لک 84 هزار 626 مان 36.44 سيڪڙو يا 7 ڪروڙ 56 لک 70 هزار 837 فرد شهرن ۾ ۽ 63.56 سيڪڙو يا وري 13 ڪروڙ 20 لک 13 هزار 789 فرد ٻهراڙين ۾ رهندا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو