آئين جي پاسداري غداري آهي ته بار بار ڪنداسين،مريم

شيخوپوره( ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ مريم نواز چيو آهي ته وقت بدلجي ويو آهي، جيڪڏهن غدار ٿيڻ ڏوهه آهي ته سڀ کان پهريون غداري جو لقب محترمه فاطمه جناح کي ڏنو ويو هو. غداري جو لقب نواز شريف ۽ مريم نواز کي به ڏنو ويو هو، جيڪڏهن حق کي حق چوڻ، آئين جي سربلندي جي ڳالهه ڪرڻ، قانون جي پاسداري ڪرڻ غداري آهي ته ها اسان اها غداري بار بار ڪنداسين. شيخوپوره ۾ جلسي کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته جن ماڻهن غداري جا سرٽيفڪيٽ ورهائڻ جي فيڪٽري کولي آهي، تن کي خبر هجي ته جڏهن توهان ڊڄندا آهيو، هارائيندا آهيو، آئين جي سربلندي جي ڳالهه نٿا ٻڌي سگهو ته غداري جا سرٽيفڪيٽ ورهائيندا آهيو پر هاڻ وقت بدلجي رهيو آهي، ماڻهن ڊڄڻ ڇڏي ڏنو آهي. نواز شريف بي پناهه قربانيون ڏئي 22 ڪروڙ عوام کي بيدار ڪري ڇڏيو آهي، کين پتو پئجي چڪو آهي حق ڇا آهي، آئين ڇا آهي ۽ آئين جا غدار ڪير آهن. هڪ زمانو هو جڏهن غدار جڏهن ڪرسين تي ويٺل هوندا هئا ته عوام سندن ڪرسين تان هٽڻ جو انتظار ڪندا هئا ته کين غدار چئجي هاڻي ماڻهو ڪرسين تي ويٺلن کي به غدار چون ٿا. غدار انهن کي چئبو آهي جيڪي امريڪا ۾ ويهي ڪشمير جو سودو ڪري ڪشمير کي ڀارت جي جهولي ۾ وجهي آيا. غدار اهي آهن جڏهن عالمي ۽ پاڪستاني ميڊيا ڏسي رهيو هجي ته هو ٽي وي اسڪرين تي ويهي چوي ته جيڪي پاڪستاني سفارتخانا آهن سي صحيح ڪم نٿا ڪن، غدار اهي آهن جيڪي ملڪ ۽ قوم سان دوکو ڪري 22 ڪروڙ عوام جي زندگين سان کيڏي، کين پينو بڻائي ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو