ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ کي هٽائڻ جا چوٻول گردش ڪري رهيا آهن جڏهن ته سنڌ حڪومت ترديد ڪري ڇڏي آهي ذريعن موجب سوشل ميڊيا تي افواهه هلي رهيا آهن ته آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ کي تبديل ڪيو پيو وڃي ۽ سنڌ حڪومت اهڙي سفارش پڻ وفاقي حڪومت کي اماڻي ڇڏي آهي ٻئي طرف سنڌ حڪومت اهڙن افواهن جي ترديد ڪري ڇڏي آهي، سنڌ حڪومت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته صوبائي حڪومت آئي جي سنڌ جي تبديلي لاءِ وفاق کي ڪا به سمري نه اماڻي، آءِ جي کي هٽائڻ بابت اسان کي ڪو علم ناهي ذريعن موجب اسٽيبلشمنٽ ڊويزن ڊائريڪٽ آئي جي سنڌ کي هٽائڻ جي سمري نه ٿي موڪلي سگهي، اها خبر سوشل ميڊيا ذريعي پئي ته آئي جي کي تبديلي ڪيو ٿو وڃي پر اسان جي علم ۾ اهڙو ڪجهه ناهي سنڌ حڪومت جي ذريعن موجب هن حڪومت جو مدو آگسٽ ۾ ختم ٿي رهيو آهي، نگران سيٽ اپ ۾ معمول موجب آفيسرن جي تبديلي ٿيڻي آهي
