ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) سان معاهدي جي اميد تي پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ مثبت رجحان آهي.ڪاروباري هفتي جي پهرين ڏينهن ڪاروبار شروع ٿيڻ کان پوءِ اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تيزيءَ جو رجحان ڏٺو ويو آهي.ڪاروبار دوران پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس 1015 پوائنٽن جي واڌ سان 41080 تي پهچي ويو آهي.گذريل ڪاروباري هفتي جي آخر ۾ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو 100 انڊيڪس 40 هزار 65 پوائنٽس تي بند ٿيو.اقتصادي تجزيه نگار عبدالرحمان چيو ته آءِ ايم ايف سان معاهدي تي پهچڻ جي اميد تي اسٽاڪ مارڪيٽ مثبت آهي، معاهدي سان معيشت تي ڌيان ڏيڻ جو وقت ملندو.
