آءِ ايم ايف سان نجڪاري ۽ ناڻي کاتي جون ڳالهيون ڪامياب

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)نجڪاري واري وزارت ۽ ناڻي واري وزارت وچ ۾ انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) جي عملدارن سان ڳالهيون ڪامياب ٿي ويون.ذريعن موجب آءِ ايم ايف پي آءِ اي جي نجڪاري لاءِ قرضن جي بحالي واري منصوبي جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.نجڪاري ڪميشن ذريعن جو چوڻ آهي ته پي آءِ اي جي قرضن جي بحالي واري منصوبي جي حتمي منظوري وفاقي ڪابينا کان ورتي ويندي. ناڻي واري وزارت جي نجڪاري ڪميشن موجب آءِ ايم ايف پي آءِ اي جي نجڪاري جي منصوبي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف پي آءِ اي جي قرض تي پاڪستان حڪومت کي هڪ سال لاءِ سود ڏيڻ تي راضي ٿي ويو. حڪومت بينڪن کي 280 ارب روپين جو قرض هڪ سال لاءِ 12 سيڪڙو سود تي ادا ڪندي، بينڪن تي هڪ سال کان وڌيڪ پي آءِ اي جي قرض تي سود جي ادائيگي جو بار نه پوندو.قرض جي واپسي جو منصوبو هڪ سال ۾ پي آءِ اي جي نجڪاري کانپوءِ ٺاهيو ويندو، نجڪاري کانپوءِ قرضن جي واپسي جو منصوبو روزويلٽ هوٽل ۽ پي آءِ اي جي ڊيوٽي مان ٺهڻ جو امڪان آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪابينا جي منظوري کانپوءِ ڪمرشل بئنڪن کان پي آءِ اي تي ادائيگي جا چارجز ختم ڪرڻ سان نجڪاري جو عمل تيز ڪيو ويندو. پي آءِ اي جي قرض جي ري شيڊيولنگ پلان تي آءِ ايم ايف سان وڌيڪ ڳالهيون هن هفتي جاري رهنديون.

پهنجو تبصرو موڪليو