آءِ ايم ايف اسان جي خط جو جواب ڏئي ڇڏيو، مزمل اسلم

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ مزمل اسلم چيو آهي ته آءِ ايم ايف اسان جي خط جو جواب ڏئي ڇڏيو آهي، آءِ ايم ايف لکيو آهي ته هو پاڪستان جي اندروني معاملن ۾ مداخلت نٿو ڪري.اسلام آباد ۾ رئوف حسن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي مزمل اسلم چيو ته آءِ ايم ايف کي لکيو آهي ته پاڪستان چونڊن بابت خدشن کي دور ڪري، آءِ ايم ايف جو بورڊ آف ڊائريڪٽرز پاڪستان آيو ۽ پي ٽي آءِ وفد سان ملاقات ڪئي.هن چيو ته آءِ ايم ايف پاران ڏنل جواب مان مطمئن آهيون، سمورن ادارن آءِ ايم ايف پروگرام کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ ڪم ڪيو، آءِ ايم ايف 30 مارچ تائين انهن سمورن معاملن جو جائزو وٺندو.مزمل اسلم جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف ايندڙ اجلاس ۾ وڌيڪ ٽيڪس لڳائڻ جو مطالبو ڪري سگهي ٿو، آءِ ايم ايف معاهدي تحت مهانگائي کي هدف کان مٿي رکيو ويندو.پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته شهباز شريف چيو آهي ته آءِ ايم ايف جو 5 سالن جو پروگرام وٺندو، ناڻي واري وزير ٻڌايو ته اهو 5 سالن جو پروگرام آهي، بجلي جي اگهن ۾ واڌ جو چيو پيو وڃي. اوگرا گئس جي اگهن ۾ 175 سيڪڙو واڌ ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.سندس چوڻ آهي ته ايران-پاڪستان گيس پائيپ لائين تي عالمي دٻاءُ اچي رهيو آهي، قرض واپس وٺڻ بابت نئون آءِ ايم ايف پروگرام خوفناڪ آهي، اهو پروگرام رڳو پاڪستان گڏجي مڪمل ڪري سگهي ٿو، ان پروگرام ۾ صوبن کي به مشاورت ڪرڻي پوندي. جيڪڏهن اين ايف سي سان ٽڪراءُ ٿيو ته مسئلا پيدا ٿيندا. ان موقعي تي ڳالهائيندي پاڪستان تحريڪ انصاف جي اطلاعات سيڪريٽري رئوف حسن چيو ته چونڊن کان اڳ يورپي يونين جو وفد پاڪستان آيو هو، پاڪستان ۾ ٿيندڙ چونڊن جو جائزو ورتو، پي ٽي آءِ يورپي يونين جي وفد کان سوال ڪيو ته ڇا هو چونڊون ڪرائيندا؟ رپورٽ منظر عام تي اچڻ بعد يورپي يونين رپورٽ پاڪستان حڪومت کي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ۽ اها اليڪشن ڪميشن کي ڏني وئي.رئوف حسن جو چوڻ آهي ته يورپي يونين جي رپورٽ انتهائي حساس ۽ اهم آهي، يورپي يونين تصديق ڪئي آهي ته رپورٽ پاڪستان کي ڏني وئي آهي، چونڊن بابت يورپي يونين جي رپورٽ کي عوام آڏو پيش ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو