ڪراچي(ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل چيو آهي ته ڳالهين کانسواءِ ڪو به آپشن ناهي بچيو، عوام جو فيصلو آهي فوري چونڊون.سنڌ جي اڳوڻي گورنر سوشل ميڊيا تي پنهنجي پيغام ۾ لکيو آهي ته ڳالهين جون افواهون پکيڙڻ وارا ناڪام ٿيندا، ڪابينا وانگر ڪميٽي کي ڀرتي ڪري گمراهه ڪيو پيو وڃي.عمران اسماعيل اهو به لکيو ته ڪارڪنن ۽ اڳواڻن کي گرفتار ڪري مٿن ڪوڙا ڪيس ٺاهيا پيا وڃن، اسان جو واحد نقاطي ايجنڊا حقيقي آزادي آهي.واضح رهي ته پي ٽي آءِ جو لانگ مارچ ٻئي ڏينهن به شاهدره کان روانو ٿي لاهور جي نواحي علائقي رچنا ٽائون پهچندو، جيڪو اڄ مريدڪي کان شروع ٿيندو.










