ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان رينجرز (سنڌ) ۽ پوليس انٽيليجنس ڄاڻ جي بنياد تي گڏيل ڪارروائي ڪندي ڪراچي جي علائقي شاهراه فيصل مان ڦر ۽ غيرقانوني هٿيار رکڻ ۾ ملوث ٻه ڏوهاري امتياز علي عرف غلام حيدر ۽ ريحان کي گرفتار ڪري ورتو جوابدارن وٽان غيرقانوني هٿيار ۽ ايمونيشن، موبائيل فونز، روڪ رقم ۽ هڪ موٽر سائيڪل به هٿ ڪئي وئي تفصيل موجب جوابدارن پنهنجي ٻين ساٿين سان گڏ ڪراچي جي مختلف علائقن، صدر، ايم اي جناح روڊ، گرومندر، ڪالاپل، ڪورنگي روڊ، ڪلفٽن روڊ، شاهراه فيصل ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ ڦر جي ڪيترن ئي ڏوهن ۾ ملوث آهن جوابدار واٽهڙن کان هٿيارن جي زور تي روڪ رقم موبائيل فون ۽ موٽر سائيڪل کسي فرار ٿي ويندا هئا شروعاتي جاچ دوران جوابدارن پنهنجن ٻين ساٿين سان گڏ ڪراچي جي مختلف علائقن مان 50 کان وڌيڪ ڏوهه ڪرڻ ۽ ڪيترائي موبائيل ڦر ڪيل سنڌ جي ٻين شهرن ۾ کپائڻ جو اعتراف ڪيو آهي جوابدار ريحان ڦر کان علاوه فحاشي جو اڏو هلائڻ ۾ ملوث آهي جڏهن ته جوابدار امتياز عرف غلام حيدر قتل جي هڪ ڏوهه ۾ گهربل اهن جوابدارن جي ٻين ساٿين جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن گرفتار جوابدارن کي هٿيارن ايمونيشن ۽ ڦر ڪيل سامان سميت وڌيڪ قانوني ڪارروائي لاءِ پوليس جي حوالي ڪيو ويو آهي.










