پشاور: (ويب ڊيسڪ) ڪي پي ڪي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور وزيراعظم شهباز شريف کي گڏيل مفادن واري ڪونسل جو اجلاس گهرائڻ جي لاءِ خط لکي ڇڏيو آهي. خانگي چينل کي ملندڙ خط جي ڪاپي موجب ڪي پي ڪي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور لکيو آهي ته آئين پاڪستان جي آرٽيڪل 154 هيٺ هر 90 ڏينهن ۾ اجلاس منعقد ڪرڻ لازمي آهي، پر جنوري 2024 کان انهي آئيني گهرج کي پورو نه پيو ڪيو وڃي.خط ۾ چيو ويو آهي ته اجلاس صوبن ۽ وفاق وچ ۾ تعاون وڌائڻ، اهم تڪراري مسئلن جي حل، ملڪ ۾ امن، هم آهنگي ۽ سماجي، اقتصادي ترقي جي لاءِ ضروري آهي پر گڏيل مفادن واري ڪونسل جو اجلاس دير سان گهرائڻ سبب اهڙن مسئلن تي منفي اثر پئجي رهيا آهن. خط ۾ درخواست ڪئي وئي آهي ته ذاتي دلچسپي وٺي اهڙا اجلاس باقاعده منعقد ڪيا وڃن ته جيئن پاڪستان کي پيش ايندڙ سياسي ۽ معاشي چيلنجز جو موثر حل ڪڍي سگهجي. ياد رهي ته سنڌو درياءَ مان وڌيڪ ڪينال ڪڍڻ خلاف سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه پنهنجي اعتراضن بابت اهڙو خط اڳ ۾ ئي وزيراعظم کي موڪلي چڪو آهي.










