گينگ ريپ جي جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي

گينگ ريپ جي جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) عوامي ورڪر پارٽي ۽ وومن ڊيموڪريٽڪ فورم پاران عورتن سان ٿيندڙ جنسي تشدد خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. جنهن ۾ مردن توڙي عورتن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. مظاهرين ايف نائن پارڪ ۾ هڪ ڇوڪري سان گينگ ريپ ۽ وڙائچ ڪوچ جي هوسٽيسز سان ريپ جي مذمت ڪندي مطالبو ڪيو ويو جوابدارن کي ڦاهي ڏني وڃي. نٿا مڃون نٿا مڃون، ظلم جا ضابطا جا نعر به هنيا ويا. عورت اڳواڻن چيو ته زوري زنا جي وحشي جوابدارن کي جيسين عبرتناڪ سزا نه ملندي تيسين اهڙا واقعا ٿيندا رهندا. ان موقعي تي مصروف ترين روڊ بند ڪري احتجاج ڪيو ويو جنهن سبب گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون.

پهنجو تبصرو موڪليو