ٽنڊو غلام حيدر ( رپورٽ ميرحسن رند) ٽنڊو غلام حيدر جي سڀ کان وڏي آبادي رکندڙ مويا شھر ۾ سوئي گئس ڪمپني عوام کي ٻٽي عذاب ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي. گيس جي ھٿرادو لوڊشيڊنگ ڪرڻ کانپوء ڪمپني پاران صارفين ڏانهن ڳاٽي ٽوڙ بل موڪلڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن. هڪ پاسي گيس جي لوڊشيڊنگ آهي ته ٻئي پاسي واڌو بل موڪليا وڃن ٿا. سوئي سدرن گئس ڪمپني جي نااھلي جي ڪري هتان جو غريب عوام سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رھيو آهي. جڏهن ته مويا شھر ۾ گيس ڪمپني پاران ٻـ ھزار کان ستر ھزار روپين تائين موڪليل ناجائز بل عوام کي ويتر گهڻو پريشاني ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي. ٻئي طرف ڳوٺاڻن ۽ مويا شهري ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته گيس ڪمپني پنهنجي نااھلي لڪائڻ لاء ڳاٽي ٽوڙ بل موڪليا آهن اهو سراسر نسورو ظلم ۽ زيادتي آهي ٻي طرف جيڪي غريب مسڪين ماڻهو هن مها مهانگائي جي دور ۾ ھر روز ڏھاڙي تي ڪمائيندڙ پورهيت ماڻهن جي پھچ ناجائزي گئس بل ڀرڻ کان پري آهن.










