نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) گوگل پنهنجي آرٽيفيشل انٽيليجنس (اي آئي) ٽيڪنالاجي تي ٻڌل ايميج جنريشن ٽول ”نينو بنائنا“ جو نئون ورجن متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي. ڪمپني موجب نينو بنائنا لائٽ نمايان حد تائين تيز آهي ۽ اڳوڻي ماڊل جي ڀيٽ ۾ ڪافي سستو آهي. هي ماڊل 4 سيڪنڊن ۾ تصويرون تيار ڪري سگهي ٿو، ان ڪري ان کي وڏي انگ ۾ تصويرون ٺهرائڻ لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو. گوگل ٻڌايو ته ان ذريعي هڪ هزار تصويرون ٺاهڻ جي لاڳت 0.034 ڊالر آهي. ان کان اڳ گوگل گذريل سال اونهاري ۾ اوريجنل نينو بنائنا متعارف ڪرايو هو، جڏهن ته فيبروري 2026ع ۾ نينو بنائنا 2 جاري ڪيو ويو هو. ڪمپني پاران نينو بنائنا پرو جي آڇ پڻ ڪئي ويندي آهي، جيڪو وڌيڪ طاقتور ماڊل آهي پر ان لاءِ ماهوار فيس ادا ڪرڻي پوندي آهي. گوگل جو دعويٰ آهي ته نينو بنائنا 2 کي عام مقصدن لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو، جڏهن ته نينو بنائنا لائٽ کي تيز رفتاري سان وڌيڪ تصويرون تيار ڪرڻ لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو. نينو بنائنا لائٽ گوگل اي آئي اسٽوڊيو (Google AI Studio) ۽ جيمينائي اي پي آئي (Gemini API) ۾ دستياب هوندو. گوگل ٻڌايو ته هي اوريجنل نينو بنائنا جي متبادل طور استعمال ٿيندو. ان سان گڏ ڪمپني پاران ”جيمينائي اومني فليش“ (Gemini Omni Flash) جاري ڪرڻ جو اعلان پڻ ڪيو ويو.










