لاهور(ويب ڊيسڪ)پنجاب جي گورنر عمر سرفراز چيما پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير عثمان بوزدار جي استعيفيٰ آئيني بنيادن تي رد ڪري ڇڏي. پنجاب جي گورنر عثمان بوزدار جي استعيفيٰ رد ڪندي اسپيڪر پنجاب اسيمبلي پرويز الاهي کي خط لکي ڇڏيو آهي. پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي به گورنر جو خط ملڻ جي تصديق ڪئي. پنجاب جي گورنر طرفان لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته عثمان بوزدار جي استعيفيٰ آرٽيڪل 130 جي ذيلي شق 8 جي شرطن تي پورو نه لهي، عثمان بوزدار گورنر جي نالي تي استعيفيٰ ناهي ڏني. عمر سرفراز چيما خط ۾ لکيو ته عثمان بوزدار پنهنجي استعيفيٰ وزيراعظم ڏانهن اماڻيو آهي جيڪو آئيني طور غلط آهي. پنجاب اسيمبلي جو اجلاس فوري طور طلب ڪرڻ جي تجويز ٻئي طرف پي ٽي آءِ دعويٰ ڪئي آهي ته عثمان بوزدار کي ٻيهر پنجاب جو وڏو وزير بڻايو ويو آهي. پي ٽي آءِ اختيارين جو چوڻ آهي ته وڏي وزير جي استعيفيٰ رد ٿيڻ بعد پنجاب ڪابينا به بحال ڪئي وئي آهي، عثمان بوزدار کي پنجاب ڪابينا جو اجلاس فوري طور طلب ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. پي ٽي آءِ ذريعن جو چوڻ آهي ته پنجاب ڪابينا جو اجلاس اڄ پنجاب اسيمبلي ۾ طلب ڪيو ويندو، جنهن جي صدارت عثمان بوزدار ڪندو.










