گهٽ ۾ گهٽ پگهار 50 هزار رپيا هجڻ گهرجي: گورنر سنڌ

گهٽ ۾ گهٽ پگهار 50 هزار رپيا هجڻ گهرجي: گورنر سنڌ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري چيو آهي ته گهٽ ۾ گهٽ پگهار 50 هزار رپيا ڪئي وڃي، ان تي عمل ڪيو وڃي.سنڌ جي گورنر چيو آهي ته مهانگائي جي طوفان ۾ عوام جو جيئڻ مشڪل ٿي ويو آهي، مهانگائي سبب عام ماڻهون سان گڏ اڇو پوش طبقو به متاثر ٿيو آهي.هن وڌيڪ چيو ته حڪومت فساد پکيڙيندڙن کي سخت کان سخت سزا ڏئي، مخير حضرات کي گهرجي ته هو مستحق ماڻهن جي مدد ۾ وڌيڪ تعاون ڪن.ڪامران ٽيسوري اهو به چيو آهي ته گورنر هائوس ۾ آئي ٽي ڪلاس شروع ڪيا پيا وڃن ۽ ليب به ٺاهي پئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو