غوثپور (عبدالنبي ملڪ)گھوڙا گھٽ بند کي پيل 20 فٽ کنڊ بند ڪندڙ مزدورن تي هٿياربندن حملو ڪري ڪم بند ڪرائي ڇڏيو. انجنيئر جو چوڻ آهي ته ڏوهارين ڀتو گهريو هو نه ڏيڻ تان حملو ڪيو ويو آهي. گذريل ڏينهن کنڊ ۽ روڻن سبب ڪيترائي ڳوٺ پاڻي ھيٺ اچي ويا هئا. آبپاشي کاتي پاران روڻ کي بند ڪرڻ واري مرمتي ڪم تي ڇهه کان وڌيڪ موٽر سائيڪل سوار اڻسڃاتل هٿياربندن حملو ڪري جديد ھٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا. جنھن بعد علائقي ۾ خوف واري صورتحال پکڙجي ويئي. بندن تي ڪم ڪندڙ عملي ۾ ڀاڄ پئجي ويئي. آبپاشي کاتي ڊپ سبب ڪم بند ڪري ٽوڙي بنگلو ۾ پناهه ورتي آهي. بندن تي ڪم ڪندڙ ڊمپرن کي گوليون لڳيون آهن جڏهن ته ڪم ڪندڙ عملو معجزاني طور محفوظ رهيو. آبپاشي کاتي جي سپرنٽنڊنٽ انجنئير رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته اڻڄاتل هٿياربندن پاران ڀتو طلب ڪيو هو نه ڏيڻ جي صورت ۾ هٿيار بندن هلندڙ گاڏين ۽ ليبر مٿان فائرنگ ڪري ڪم بند ڪرائي ڇڏيو آهي. اهڙي واقعي بعد اطلاع ملڻ تي حد جي پوليس واقعي واري هنڌ رواني ٿي ويئي آهي.










