گهوٽڪي واسي قومي اسمبلي جو ڪوڙو آفيسر گرفتار

گهوٽڪي واسي قومي اسمبلي جو ڪوڙو آفيسر گرفتار

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قومي اسمبلي جو ڪوڙو آفيسر سڏرائيندڙ گهوٽڪي واسي عبدالواجد کي ايف آءِ اي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو آهي. قومي اسمبلي جي اسپيڪر جي شڪايت تي فوري گرفتاري بعد ايف آءِ اي جاچ شروع ڪئي آهي.
اسپيڪر سردار اياز صادق ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو آهي ته سندن علم ۾ آيو ته عبدالواجد نالي شخص پاڻ کي قومي اسمبلي جو 17 هين گريڊ جو آفيسر سڏائي پوليس ۽ ٻين کاتن تي دٻاءُ وجهي پروٽوڪول حاصل ڪري پنهنجا ڪم ڪرائي رهيو آهي. جنهن بعد اسپيڪر آفيس ڊي جي ايف آءِ اي ۽ آءِ جي سنڌ پوليس کي خط لکي ڪاروائي جو مطالبو ڪيو.
ايف آءِ اي فوري ڪاروائي ڪندي کيس گرفتار ڪيو آهي. اسپيڪر جو چوڻ آهي ته هو پنهنجي ڀرتي جو سندس نالي سان جاري ڪيل آفر ليٽر به ڏيکاريندو رهيو آهي. قومي اسمبلي سيڪريٽريٽ ۾ ان نالي جو ڪو آفيسر ڀرتي ناهي ٿيو ۽ آفر ليٽر به ڪوڙو آهي. گرفتار شخص مختلف ماڻهن کي حراسان به ڪندو رهيو آهي.
قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ وڌيڪ چيو آهي ته قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ، اسپيڪر قومي اسيمبلي يا ڪنهن به سرڪاري اداري جي نالي سان جعلي دستاويز تيار ڪرڻ يا استعمال ڪرڻ، يا انهن جي بنياد تي ڪنهن به قسم جو غيرقانوني پروٽوڪول، سهولت يا فائدو حاصل ڪرڻ هڪ سنگين ۽ سزا جوڳو ڏوهه آهي. اهڙن عنصرن خلاف بنا ڪنهن امتياز جي سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.
قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ عوام ۽ سمورن سرڪاري ادارن کي پڻ اپيل ڪئي آهي ته قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي نالي سان جاري ٿيل ڪنهن به مقرري واري خط، آفر ليٽر يا سرڪاري دستاويز جي اصليت لاڳاپيل اختيارين کان ضرور تصديق ڪن، ۽ ڪنهن به مشڪوڪ سرگرمي يا جعلي دستاويز بابت فوري طور لاڳاپيل قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي آگاهه ڪن، جيئن رياستي ادارن جي نالي جي غلط استعمال جي روڪٿام ٿي سگهي.

پهنجو تبصرو موڪليو