اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ انٽرنيٽ سروس بحال ٿيڻ شروع ٿي وئي آهي.واضح رهي ته 9 مئي تي عمران خان جي گرفتاري کانپوءِ حڪومت سڄي ملڪ ۾ انٽرنيٽ سروس بند ڪري ڇڏي هئي، جڏهن ته سوشل ميڊيا تائين رسائي تي به پابندي لڳائي وئي هئي.جڏهن ته هاڻي انٽرنيٽ سروس بحال ٿيڻ شروع ٿي وئي آهي ۽ امڪان آهي ته ڪجهه وقت ۾ سروس مڪمل طور تي بحال ٿي ويندي.پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) جو چوڻ آهي ته گهرو وزارت جي هدايتن تي انٽرنيٽ سروس بحال ڪئي وئي آهي.










