وڳڻ (علي مصطفيٰ بروهي) ڳوٺ لڌو خان مغيري جي نيڪ مرد ڊاڪٽر محمد جمال مغيري جي پندرنهن سالن جي نوجوان پٽ فرحان علي مغيري ڪاوڙ ۾ اچي زهريلي دوا پي خود ڪشي ڪري ڇڏي. وارث کيس وڳڻ رورل هيلٿ سينٽر کڻائي آيا بعد ۾ وارثن هن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻو اسپتال منتقل ڪيو جتي هو فوت ٿي ويو. سندس فوتگي جي اطلاع تي گهر ۾ روڄ راڙو مچي ويو برادري سميت سياسي سماجي اڳواڻ مير جعفر مغيري ۔ ساجد حسين بلوچ ۔ نهال خان ۔ قلندر بخش وڳڻ ۔ عبدالحميد وڳڻ ۔ فدا مغيري ۔ عمران تنيو ۔ امير بخش مغيري ۔ نور مصطفي مغيري ۽ ٻيا تڏي تي پهچي ويا هوڏانهن رابطي ڪرڻ تي نوجوان جي ڀاء خالد حسين مغيري ٻڌايو ته جنازي نماز بعد ياروديرو جي سيد هاشم شاھ قبرستان ۾ سندس تدفين ڪئي وئي آهي.










