گهرو اڻبڻت تان نوجوان خودڪشي ڪري ڇڏي

گهرو اڻبڻت تان نوجوان خودڪشي ڪري ڇڏي

وڳڻ (علي مصطفيٰ بروهي) ڳوٺ لڌو خان مغيري جي نيڪ مرد ڊاڪٽر محمد جمال مغيري جي پندرنهن سالن جي نوجوان پٽ فرحان علي مغيري ڪاوڙ ۾ اچي زهريلي دوا پي خود ڪشي ڪري ڇڏي. وارث کيس وڳڻ رورل هيلٿ سينٽر کڻائي آيا بعد ۾ وارثن هن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻو اسپتال منتقل ڪيو  جتي هو فوت ٿي ويو. سندس فوتگي جي اطلاع تي گهر  ۾ روڄ راڙو مچي ويو برادري سميت سياسي سماجي اڳواڻ مير جعفر مغيري ۔ ساجد حسين بلوچ ۔ نهال خان ۔ قلندر بخش وڳڻ ۔ عبدالحميد وڳڻ ۔ فدا مغيري ۔ عمران تنيو ۔ امير بخش مغيري ۔ نور مصطفي مغيري ۽ ٻيا تڏي تي پهچي ويا هوڏانهن رابطي ڪرڻ تي نوجوان جي ڀاء خالد حسين مغيري ٻڌايو ته جنازي نماز بعد ياروديرو جي سيد هاشم شاھ قبرستان ۾ سندس تدفين ڪئي وئي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو