گهرو اڻبڻت تان ماءُ ٻن ٻارن سوڌو واهه ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو

گهرو اڻبڻت تان ماءُ ٻن ٻارن سوڌو واهه ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو

مورو (ن س) منھڙو ڀرسان قمردين چانڊيو ٿاڻي جي حد ڳوٺ حاجي وارث ڏاھري جي رھواسي امتيازعلي ڏاھري جي گھرواري مسمات صاحبان پنھنجي معصوم ٻن ٻارڙين سميت روھڙي ڪينال ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو. ڪينال تي موجود ماڻھن عورت جو لاش ۽ سندس چار مھينن جي معصوم ٻاڙي صبا کي زنده حالت ۾ ٻاھر ڪڍي ورتو . عورت موقعي تي ئي فوت ٿي وئي ۽ ھڪ معصوم چار سالن جي نينگري ڪرن جي لاش جي ڳولا جاري آھي. واقعو گھرو اڻبڻت تان پيش آيو آهي. حد جي پوليس خبر فائيل ڪرڻ تائين واقعي واري ھنڌ نه پھچي سگھي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو