گنڊاپور  جو صدر جي حلف برداري ۾ شرڪت کان انڪار

گنڊاپور جو صدر جي حلف برداري ۾ شرڪت کان انڪار

خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور نئين چونڊيل صدر آصف زرداري جي حلف برداري تقريب ۾ شرڪت کان انڪار ڪندي ملڪ ۾ ٻيهر چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور ٻيهر چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته سڄي پاڪستان ۾ اسان جو مينڊيٽ چوري ڪيو ويو آهي، جنهن خلاف هو اڄ پشاور ۾ پرامن احتجاجي جلسو ڪندو.علي امين گنڊاپور چيو ته عدليه کي مينڊيٽ چوري خلاف ڪارروائي ڪرڻ گهرجي، هن چيف اليڪشن ڪمشنر جي فوري استعيفيٰ جو به مطالبو ڪيو.ڪي پي ڪي جي وڏي وزير صدر آصف زرداري جي حلف برداري تقريب ۾ شرڪت کان انڪار ڪندي چيو آهي ته هو آصف علي زرداري جي حلف برداري تقريب ۾ شرڪت نه ڪندو پر صدارت سنڀالڻ کانپوءِ صدر کي قبول ڪرڻو پوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو