ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت درخواستن جي ٻڌڻي دوران پوليس رپورٽس رد ڪندي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کان جواب طلب ڪري ورتو. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گم ٿيل 12 ڄڻن جي بازيابي بابت درخواستن جي ٻڌڻي ٿي.عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي پوليس جون رپورٽون رد ڪري ڇڏيون.جسٽس نعمت الله چيو ته پوليس گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي ۾ سنجيده ناهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ روايتي رپورٽون پيش ڪيون پيون وڃن.عدالت صوبائي ۽ وفاقي حڪومتن کان جواب طلب ڪري ورتو، جڏهن ته گهرو سيڪريٽري کان حراستي مرڪزن جي رپورٽ به طلب ڪندي چيف سيڪريٽري ۽ گهرو سيڪريٽري کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا عدالت ايڊيشنل اٽارني جنرل ۽ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ کي به نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.عدالت قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي کي يقيني بڻائڻ جو به حڪم ڏنو.










