بازيابي جي حڪم بعد گم ٿيل شهري گهر پهچي ويو

بازيابي جي حڪم بعد گم ٿيل شهري گهر پهچي ويو

اسلام آباد (بيورو)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس پاران گم ٿيل شهري حسيب حمزه جي بازيابي لاءِ 24 ڪلاڪن اندر شهري واپس گهر پهچي ويا.پوليس موجب شهزاد ٽائون مان اغوا ٿيل حسيب حمزا گهر پهچي ويو آهي.حسيب حمزه جي والد پنهنجي پٽ جي بازيابي ۾ تعاون تي وفاقي پوليس، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۽ وزيراعظم شهباز شريف جا ٿورا مڃيا.واضح رهي ته گذريل ڏينهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چيف جسٽس اطهر من الله گم ٿيل شهري حسيب حمزه جي بازيابي لاءِ داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي هئي.ٻڌڻي دوران چيف جسٽس، آءِ جي اسلام آباد عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ عدالت کي حڪم ڏنو ته گم ٿيل شهري حسيب حمزه کي سڀاڻي صبح 10 وڳي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته آءِ جي 23 آگسٽ کان غائب آهي، اهو ناقابل برداشت آهي.عدالت وڌيڪ چيو ته گم ٿيل ماڻهن بابت اڳوڻو فيصلو آهي، فيصلي ۾ قرار ڏنو ويو ته آءِ جي ۽ لاڳاپيل آفيسر ذميوار هوندا، هاڻي عدالت ان فيصلي موجب هلي ويندي.هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس پاران گم ٿيل شهري حسيب حمزه جي بازيابي لاءِ 24 ڪلاڪن اندر شهري واپس گهر پهچي ويا.پوليس موجب شهزاد ٽائون مان اغوا ٿيل حسيب حمزا گهر پهچي ويو آهي.حسيب حمزه جي والد پنهنجي پٽ جي بازيابي ۾ تعاون تي وفاقي پوليس، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۽ وزيراعظم شهباز شريف جا ٿورا مڃيا.واضح رهي ته گذريل ڏينهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چيف جسٽس اطهر من الله گم ٿيل شهري حسيب حمزه جي بازيابي لاءِ داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي هئي.ٻڌڻي دوران چيف جسٽس، آءِ جي اسلام آباد عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ عدالت کي حڪم ڏنو ته گم ٿيل شهري حسيب حمزه کي سڀاڻي صبح 10 وڳي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته آءِ جي 23 آگسٽ کان غائب آهي، اهو ناقابل برداشت آهي. عدالت وڌيڪ چيو ته گم ٿيل ماڻهن بابت اڳوڻو فيصلو آهي، فيصلي ۾ قرار ڏنو ويو ته آءِ جي ۽ لاڳاپيل آفيسر ذميوار هوندا، هاڻي عدالت ان فيصلي موجب هلي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو