گليشيئر تيزي سان ختم ٿين پيا: چيئرمين اين ڊي ايم اي

گليشيئر تيزي سان ختم ٿين پيا: چيئرمين اين ڊي ايم اي

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) چيئرمين اين ڊي ايم اي خبردار ڪيو آهي ته پاڪستان ۾ گليشيئر تيزي سان ختم ٿي رهيا آهن. سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي آن ڪلائيميٽ چينج جو اجلاس سينيٽر شيري رحمان جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ چيئرمين اين ڊي ايم اي مون سون ۽ موسمياتي خطرن تي بريفنگ ڏني.چيئرمين اين ڊي ايم اي چيو آهي ته بدقسمتي سان، پاڪستان هر ايندڙ سال موسمياتي تبديلي کان وڌيڪ متاثر ٿيندو، عالمي گرمي پد ۾ اضافو موسمياتي تبديلي جو هڪ وڏو سبب آهي.هن چيو آهي ته هن سال پاڪستان ۾ مون سون ٻه هفتا اڳ شروع ٿيو هو، جڏهن ته ايندڙ سالن ۾ برساتن ۾ وڌيڪ واڌ جو امڪان آهي، پاڪستان ۾ 7000 کان وڌيڪ گليشيئر آهن، پر اهي تيزي سان ختم ٿي رهيا آهن.چيئرمين اين ڊي ايم اي وڌيڪ چيو آهي ته آفتن جي انتظام لاءِ فنڊ فراهم ڪندڙ ملڪ پاڻ موسمياتي تبديلي جي مسئلن جو شڪار آهن، اسان وٽ پنهنجي صلاحيت ۽ ڊيٽا گڏيل قومن کان بهتر آهي ۽ اين ڊي ايم اي جي اڳڪٿي 98 سيڪڙو صحيح ثابت ٿي رهي آهي.هن چيو آهي ته هن ڀيري ڄمون ۽ ڪشمير ۽ پنجاب جي دريائن ۾ پاڻي وڌيڪ آهي، جڏهن ته هندستاني ڊيمن پاران ڪو به ڊيٽا شيئر نه ڪيو ويو آهي.اين ڊي ايم اي چيئرمين موجب، قادر آباد، سڌنائي ۽ جهنگ ۾ ڊيم ٽوڙڻ سان پاڻي جي ريل جي طاقت گهٽجي وئي آهي، جڏهن ته اڄ گڊو بئراج تي 5 لک جي ريل گڏ ٿيڻ جو امڪان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو