’گريٽر اسرائيل‘ آمريڪي سفير جي بيان جي 14 ملڪن پاران مذمت

’گريٽر اسرائيل‘ آمريڪي سفير جي بيان جي 14 ملڪن پاران مذمت

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)اسرائيل ۾ آمريڪا جي سفير مائيڪ هڪابي پاران اسرائيل کي وچ اوڀر جي وڏي حصي تي قبضي جو حق هجڻ واري بيان تي پاڪستان سميت 14 اسلامي ملڪن طرفان سخت ردعمل سامهون آيو آهي، جنهن کان پوءِ هن ان سڄي معاملي کي سازشي نظرين سان ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪئي آهي۔
بي بي سي جي رپورٽ موجب پاڪستان سميت 13 ٻين اسلامي ملڪن آمريڪي سفير جي ان بيان جي مذمت ڪئي آهي، جنهن ۾ هن چيو هو ته جيڪڏهن اسرائيل قبضي هيٺ اولهه ڪناري سميت ٻين عرب رياستن جي ڪنٽرول هيٺ علائقن تي قبضو ڪري وٺي ته ان ۾ ڪو حرج ناهي۔
مائيڪ هڪابي جو بيان
مائيڪ هڪابي ڇنڇر ڏينهن ساڄي ڌر جي سياسي ڪارڪن ۽ مبصر ٽڪر ڪارلسن کي ڏنل هڪ انٽرويو چيو ته “اسرائيل کي وچ اوڀر جي وڏي حصي تي ڪنٽرول جو حق آسماني ڪتابن موجب ڏنو ويو آهي.”
ٽڪر ڪارلسن سوال ڪيو ته ڇا هو پراڻي عهدنامي جي ڪتاب جينيسس 15جو حوالو ڏئي اهو مڃي ٿو ته وچ اوڀر تي اسرائيل جو حق آهي؟ ڇا اوهان انتي يقين رکو ٿا؟
هڪابي جواب ڏنو ته “جيڪڏهن اهي سڀ ڪجهه وٺي وٺن ته ان ۾ ڪو حرج به ناهي.”
ڪارلسن ٻڌايو ته ڪتاب جينيسس جي باب 15 ۾ ذڪر آهي ته خدا حضرت ابراهيم سان واعدو ڪيو هو ته سندن اولاد درياهه فرات کان درياهه نيل تائين زمين جا وارث ٿيندا۔
ڪارلسن سوال ڪيو ته ڇا ان جو مطلب آهي ته موجوده اسرائيل، اردن، شام، لبنان ۽ سعودي عرب ۽ عراق جا حصا به ان ۾ شامل آهن؟
هڪابي چيو ته کيس پڪ ناهي ته اهي سڀ علائقا شامل آهن، پر اهو وڏو علائقو آهي۔
اسلامي ملڪن جو ردعمل
آمريڪي سفير جي ان بيان تي اسلامي ملڪن سخت رد عمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته اهڙا بيان علائقي جي امن ۽ سلامتي لاءِ خطرو بڻجي سگهن ٿا۔
پاڪستان، سعودي عرب، ترڪي، قطر ۽ گڏيل عرب امارات سميت 14 اسلامي ملڪن، اسلامي تعاون تنظيم، عرب ليگ ۽ خليجي تعاون ڪائونسل گڏيل بيان جاري ڪري سخت مذمت ڪئي آهي۔
گڏيل بيان ۾ چيو ويو ته اهڙا بيان عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي منشور جي اصولن جي کليل ڀڃڪڙي آهن ۽ علائقي جي استحڪام لاءِ خطرو بڻجي سگهن ٿا۔
بيان موجب فلسطين يا ڪنهن به قبضي هيٺ عرب سرزمين تي اسرائيل جو ڪو حق ناهي، ۽ اسلامي ملڪ اولهه ڪناري جي الحاق يا غزه کي ڌار ڪرڻ جي ڪنهن به ڪوشش کي رد ڪن ٿا۔ اهڙن چڙ ڏياريندڙ بيانن سان گڏيل قومن جي چارٽر جي کلي خلاف ورزي ٿئي ٿي ۽ خطي جي سلامتي ۽ استحڪام لاءِ به خطرو بڻجي سگهي ٿي. اهڙا بيان عذا ۾ امن واري صدرر ٽرمپ جي جامع منصوبي جي به نفي ڪن ٿا.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته والاريل فلسطين يا ڪنهن به عرب ملڪ جي والاريل زمين تي اسرائيل جو ڪو حق ناهي. ويسٽ بئنڪ سان اسرائيلي الحاق يا غزا جي پٽي کي ڌار ڪرڻ سميت ڪنهن به ڪوشش يا فلسطيني علائقي ۾ آبادڪاري جي سرگرمين يا خودمختيار عرب ملڪن لاءِ خطري کي واضح طور رد ڪريون ٿا.
آمريڪي سفير جي وضاحت
اسلامي ملڪن جي سخت ردعمل کان پوءِ مائيڪ هڪابي ايڪس تي هڪ وضاحتي بيان جاري ڪندي چيو ته کيس اميد نه هئي ته ٽڪر ڪارلسن اهڙا ڊگها سوال ڪندو۔ هن چيو ته اڄ جي زماني جا يهودي واقعي بائبل جي يهودين کان مختلف آهن. هن چيو ته اشڪنازي يهودي خاندان صدين کان يورپ ۾ رهن ٿا پر ان هوندي به هو اسرائيلي يهودي آبادي جو اقليتي حصو آهن، سيفاردي ۽ ميزراهي يهودي وڌيڪ آهن.
هن وڌيڪ چيو ته ٽڪر ڪارلسن هڪ سازشي نظريي کي فروغ ڏئي رهيو آهي، جيڪو انٽرنيٽ ۽ سوشل ميڊيا تي شروع ٿيو هو. آمريڪي سفير دعوا ڪئي ته هن ان نظريي بابت اڳ ۾ ڪڏهن نه ٻڌو هو.
هن دعويٰ ڪئي ته اهڙا سازشي نظريا پاڪستان ۽ ترڪي جهڙن ملڪن مان هلندڙ سماجي پليٽفارمز ذريعي وڌايا پيا وڃن ۽ انهن جو مقصد يهودين کي غير قانوني ظاهر ڪرڻ ۽ انهن جي تاريخ کسڻ لاءِ هڪ هٿيار طور استعمال ڪيو پيو وڃي.
“گريٽر اسرائيل” جو تصور

Photo Courtesy BBC

صهيونيت جي باني ٿيوڊور هرزل موجب “واعدي واري سرزمين” يا گريٽر اسرائيل جو نقشو درياهه نيل کان درياهه فرات تائين پکڙيل آهي، جنهن ۾ فلسطين، لبنان، اردن، عراق، ايران، شام، مصر، ترڪي ۽ سعودي عرب شامل ٿي سگهن ٿا۔
1947ع ۾ گڏيل قومن فلسطين کي يهودي ۽ عرب رياستن ۾ ورهائڻ جي منظوري ڏني ۽ بيت المقدس کي عالمي شهر قرار ڏنو۔
اسرائيلي اڳواڻ مينيخم بيگن چيو هو ته “فلسطين جي ورهاست غير قانوني آهي، يروشلم هميشه اسان جو گادي وارو هنڌ رهندو.”
ڪجهه تجزيه نگارن موجب “گريٽر اسرائيل” جو مطلب مختلف گروهن لاءِ مختلف آهي۔ ڪي ان کي صرف اولهه ڪناري، غزه ۽ گولان ٽڪرين تائين محدود سمجهن ٿا، جڏهن ته ٻيا ان کي وسيع مذهبي تصور قرار ڏين ٿا۔
برطانيا جي برمنگهم يونيورسٽي سان لاڳاپيل ماهر عمر ڪريم موجب گريٽر اسرائيل هڪ نظرياتي تصور آهي، جيڪو عملي طور ممڪن ناهي، پر صهيوني سياست ۾ ان جو گهڻو ذڪر ملي ٿو۔
هو چون ٿا ته عملي طور اسرائيل اولهه ڪناري، غزه ۽ ٻين قبضي هيٺ علائقن کي پنهنجي حصي طور ڏسي ٿو، جڏهن ته وسيع مذهبي تصور ۾ درياهه نيل کان درياهه فرات تائين جا علائقا شامل ڪيا ويندا آهن۔
سندس چوڻ آهي ته عملي طور اهو ممڪن ناهي پر هاڻي گريٽر اسرائيل جو مطلب والاريل فلسطين جا علائقا، ويسٽ بئنڪ ۽ غزا ان ۾ شامل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو