اسلام آباد(بيورو رپورٽ)جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب ۽ جسٽس ارباب محمد طاهر نئين توشه خانه ريفرنس ۾ پي ٽي آءِ جي باني جي گهرواري جي گرفتاري خلاف درخواست تي لکت ۾ حڪم جاري ڪري ڇڏيو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي لکت واري حڪم ۾ چيو ويو آهي ته نئين توشه خانه ريفرنس ۾ گرفتاري خلاف درخواست تي اعتراض اڪلايا ويا آهن، جنهن ۾ ڪال اپ نوٽيس خلاف ٻه درخواستون اڳ ئي ٻڌڻي هيٺ آهن.حڪم ۾ چيو ويو آهي ته درخواست ۾ نيب طرفان بار بار گرفتاري کي چئلينج ڪيو ويو آهي. وڪيل موجب هن درخواست ۽ ٻين 2 درخواستن ۾ ساڳيون حقيقتون ۽ قانوني نقطا غور هيٺ آهن، عدالت ان ڳالهه تي متفق آهي ته اها درخواست به ٻين 2 درخواستن سان گڏ ٻڌي وڃي. رجسٽرار آفيس درخواست جي فائل کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي موڪليندي ته جيئن درخواستن جي هڪ ئي وقت ۾ ٻڌڻي ٿي سگهي.عدالت چيو ته درخواستگذار جي وڪيل موجب گرفتاري جو معاملو فوري حل طلب آهي، چيف جسٽس درخواستن کي جلد ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري سگهي ٿو.










