گهوٽڪي (ن س) سڪيورٽي اختيارين ڌاڙيلن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڳجهي فورس تيار ڪري ورتي آهي. ايس ايس پي گهوٽڪي تنوير تنوير صحافين کي بريفنگ ڏني، جنهن ۾ هن چيو ته ڪچي مان ڌاڙن جي مڪمل خاتمي لاءِ حڪمت عملي تيار ڪئي وئي آهي.ايس ايس پي موجب ڪچي ڌاڙيلن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڳجهي فورس تيار ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ 40 رڪني ڳجهي فورس ڪچي آپريشن ۾ حصو وٺندي.ايس ايس پي جو چوڻ هو ته گذريل ڏينهن علائقي مان هڪ ڊاڪٽر سميت ٻن يرغمالين کي بازياب ڪرايو ويو هو.ايس ايس پي جو چوڻ آهي ته ٿاڻي گهوٽڪي ۾ 140 جي لڳ ڀڳ ڌاڙيل آهن جن بنڪرز ٺاهيا آهن، ڌاڙيلن کي منهن ڏيڻ لاءِ ماهر اسنائپر تيار ڪيا پيا وڃن، پوليس پوسٽن جي تعمير جو ڪم تيزيءَ سان جاري آهي، هر پوسٽ تي 8 پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن.ايس ايس پي وڌيڪ چيو ته ماضيءَ ۾ ڌاڙا پوليس کان معلومات حاصل ڪندا هئا، جن اهلڪارن ڊڪٽن جي مدد ڪئي انهن کي برطرف ڪيو ويو يا سخت سزائون ڏنيون ويون.










