ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪچي تيل سان سٿيل هڪ ٻيو روسي جهاز ڪلائيٽ نوبل ڪراچي پورٽ پهچي ويو تفصيل موجب روسي جهاز آٽر اينڪر ايج ۾ لنگرانداز آهي. جيڪا ڪراچي پورٽ جي حد سڏجي ٿي جهاز آٽر انڪريج تي پهچن ٿا جتان ڪي پي ٽي پائليٽ جهاز کي پورٽ چينل ۾ آڻي ڀرٿنگ ڪرائي ٿو ذريعن ٻڌايو ته ڀرتنگ پلان فائينل ٿيندي ئي جهاز کي آئل ٽيئر تي آڻڻ جو ڪم شروع ٿي ويندو.










