ڪچي تيل سان ڀريل هڪ ٻيو روسي جهاز ڪراچي پهچي ويو

ڪچي تيل سان ڀريل هڪ ٻيو روسي جهاز ڪراچي پهچي ويو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪچي تيل سان سٿيل هڪ ٻيو روسي جهاز ڪلائيٽ نوبل ڪراچي پورٽ پهچي ويو تفصيل موجب روسي جهاز آٽر اينڪر ايج ۾ لنگرانداز آهي. جيڪا ڪراچي پورٽ جي حد سڏجي ٿي جهاز آٽر انڪريج تي پهچن ٿا جتان ڪي پي ٽي پائليٽ جهاز کي پورٽ چينل ۾ آڻي ڀرٿنگ ڪرائي ٿو ذريعن ٻڌايو ته ڀرتنگ پلان فائينل ٿيندي ئي جهاز کي آئل ٽيئر تي آڻڻ جو ڪم شروع ٿي ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو