ليکڪ سيد زوار حسين شاهه
جيڪڏهن پاڪستان جي سياست تي نظر وجهنداسين ته گهٽ ۾ گهٽ عوام کي سمجهه ۾ نه ايندي ، باقي سياستدان ته هڪ ٻئي جا استاد آهن ، ڪڏهن ڪنهن سان ته ڪڏهن ڪنهن سان ، ائين ئي هن ملڪ ۾ ٿيندور رهيو آهي ، ائين اڳتي به ٿيندو رهندو ، 23 سالن جي مسلسل جدوجهد بعد نيٺ ڪپتان اليڪشن ۾ ڪامياب ٿئي ٿو ۽ ان ۾ ڪو ڪوڙ ناهي ته جيئن ئي ڪپتان وزيراعظم طور حلف کنيو پهرئين ڪانفرنس خطاب مون کان نه ٿو وسري گهڻيون سخت ڪڙيون مٺيون ڳالهيون ڪيون عوام کي سبز باغ ڏيکاريا ، نوڪريون ڏيندس ، مهنگائي نه ٿيندي جڏهن ته ان ۾ به ڪو شڪ ناهي ته ملڪ اندر مهنگائي جي اضافي به ڪپتان جا گهنا پنهنجا ئي هريڦ بڻائي ڇڏيا آهن پر جيڪڏهن مان عرض ڪيان ته پاڪستان ۾ جيڪو ڪجهه هن وقت ٿي رهيو آهي اهو به ڪنهن کان لڪيل ناهي ، سدائين اپوزيشن به شڪست کاڌي آهي ، ان جا سبب اهي به آهن ته ويچاري سياستدان کي صرف پيسا گهرجن پوء ڪپتان جي حڪومت ڏيئي يا پوء اپوزيشن ڏيئي ائين ئي ڪم هلندو رهيو آهي جڏهن ته اليڪشن بعد جيڪڏهن چونڊيل نمائيندن جي خريد فروخت جا بورڊ لڳا ان وقت به جهانگير ترين عليم خان پاڪستان تحريڪ انصاف لاء اهم ڪردار ادا ڪيو هيو ، جهانگير ترين ته پنهنجي نجي جهازن ذريعي انهن انهن ويچارن سياستدانن کي ساڻ کنيو جن کي گاڏي ۾ به ويهڻ نه ايندو هو برحال انهن کي خريد ڪري هي خير سان حڪومت جوڙي وئي ۽ ڪپتان ملڪ جو وزيراعظم به منتخب ٿي ويو وزيراعظم عمران خان عدم اعتماد جي تحريڪ کي ناڪام بنائڻ جي سلسلي ۾ پنهنجي حامي ميمبرن سان رابطا وڌائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، جڏهن ته مخالف ڌر به گذريل ڪجهه ڏهاڙن کان سرگرم آهي، ان موقعي تي جهانگير ترين هڪ ڀيرو ٻيهر منظرعام تي اچي ويو آهي ۽ سندس ڳجهين ملاقاتن جا پڻ اطلاع آهن، ذريعن موجب مخالف ڌر طرفان وزيراعظم جي خلاف عدم اعتماد جي تحريڪ آڻڻ جي اعلان کانپوءِ مخالف ڌر ۽ حڪومت پنهنجي پنهنجي طور تي متحرڪ ٿي ويون آهن، فيبروري جو آخري هفتو ۽ مارچ جو پهريون هفتو سياسي طور تي اهم قرار ڏنو ويو آهي، وزيراعظم عمران خان سمورن قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن سان رابطا وڌائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان ڏس ۾ وزيراعليٰ پنجاب عثمان بوزدار کي به سمورن ميمبرن سان سڌو سنئون رابطن ۾ رهڻ جو ٽاسڪ ڏنو آهي، وزيراعظم عمران خان مخالف ڌر جي جوابي حڪمت عملي واضح ڪري ڇڏي آهي سندس عوامي جلسن ۾ خطاب ان سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي. ٻئي طرف مخالف ڌر به پي ڊي ايم سميت انفرادي طور تي رابطن لاءِ سرگرم آهي، پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان 20 فيبروري کانپوءِ اسلام آباد ۾ ئي پير ڄمائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، تحريڪ عدم اعتماد جي حوالي سان آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو سان هڪ ڀيرو ٻيهر سندس ملاقاتن جو امڪان آهي، مخالف ڌر جي رهنمائن هڪٻئي سان مسلسل فون تي رابطا شروع ڪري ڇڏيا آهن ۽ گڏيل دوستن ذريعي حڪومتي اتحادين سان به رابطن جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. تحريڪ انصاف جو ناراض رهنما جهانگير ترين به هڪ ڀيرو ٻيهر سياسي منظرنامي تي اچي ويو آهي، سندس ڳجهين ملاقاتن جون ڳالهيون گردش ۾ آهن، ذريعن وٽان ٻڌايو پيو وڃي ته حڪومتي اتحادي جماعت مسلم ليگ ق سمورن فيصلن جو اختيار چوڌري پرويز الاهي کي ۽ تحريڪ انصاف جي ناراض گروپ جهانگير ترين کي اختيار ڏئي ڇڏيو آهي، برحال هن وقت به وڏي دلچسپ صورت حال ٿي وئي آهي اپوزيشن رهنما به تمام گهنا سرگرم نظر اچي رهيا آهن جڏهن ته ڪپتان عمران خان به هر هڪ سان رابطه تيز ڪرڻ جا ڪئي دوستن کي ٽاسڪ ڏنا آهن هن صورت هال ۾ جهانگير ترين جو اهم رول اڳيان اچي سگهي ٿو جيڪڏهن جهانگيرترين کي ڪپتان ٿوڙي به سختي ڏني ته مان سمجهان ٿو ته ڪپتان پنج سال پورا نه ڪري سگهندو جڏهن ته قومي ايمبلي سيٽن جو تعداد بها يترو گهڻو ناهي جنهن سان ڪپتان پنج سال پورا ڪري سگهي ، جيڪڏهن مان هن وقت پاڪستان جي سياست ۾ وڏا وڏا ڀوچال ڏسندس ته انهن م ايم ڪيو ايم پاڪستان جنهن جي سنڌ ۾ ڪيتريون ئي قوممي اسيمبلي جون سيٽون آهن ، انهن به نه صرف حڪومت ڪپتان کي ٽف ٽائيم ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي پر مان عرض ڪيان ته اپوزيشن سان به ايم ڪيو ايم پاڪستان جا رابطه تيز آهن ڪجهه به ٿي سگهي ٿو جڏڏهن ته جيڪڏهن پنجاب جي سياست تي نظر وجهنداسين ته چودري پرويز الاهي به ان صورت حال ۾ وڏي حيثيت ختيار ڪري ويو آهي جڏهن ته مولا فضل الرحمان به اسلام آباد ڏانهن وڃي رهڻ جو فيصلو ڪيو آهي ، جيئن ڪو نه ڪو خاص نتيجو حاصل ڪري سگهجي ، جڏهن ته پاڪستان پيپلزپارٽي جا جيلا صوبائي ، قومي اسيمبلي ميمبران بهس رگرم نظر اچي رهيا آهن جنهن کان پوء صورت هال تبديل ٿيندي ڏسي رهيو آهيان 27 فيبروري سنڌ کان لانگ مارچ شروع ڪيو ويندو جنهن لاء به سياسي رابطه مهم تيز ڪئي وئي آهي ، پنجاب ڪي پي ڪي ، بلوچستان سميت سنڏ جا جيالا به ايڪٽو نظر اڇي رهيا آهن ، لکن جي تعداد ۾ قافله اسلام آباد ڏانهن مارچ ڪندا ، سنڌ جي ٻين شهرن جيان ، راڻي پور خيرپور ، ڪنب ، ڪوٽ ڏيجي جي جيالن ۾ به وڏو جوش جذبو ڏسي رهيا آهيون جڏهن ڪجهه پيپلن جيالن سان ڳالهه ٻول ٿي جنهن ۾ ضلعي خيرپور جي پ پ پ ليڊيز ونگ جي صدر زينب شر ، سماج سڌارڪ پ پ پ رهنما صنم راڄپر ، خيرپور کان ڊي پي او ، نضير شيخ ، ۽ ٻين ٻڌايو ته خيرپور کان ڊاڪٽ نفيسه شاه جيلاني ، سيد قائم علي شاه ، ڪنب ڪوٽ ڏيجي کان سابق وزيرخارجه هاڻوڪو زراعت جو خاص مشير منظور حسين وساڻ ، ايم پي اي منور حسين وساڻ ، بهادر دلير اڳواڻ حاجي نواب خان وساڻ جيڪو راڻيپور ۾ 24 فيبروري ، پپير بگن سائين مارڪيٽ لڳ ڪرن بيڪرس هڪ عوامي ميڙ سان ملاقات ڪي رهيو آهي جيڪو به راڻيپور جي تاريخ ۾ زبردست هوندو جيڪو عنايت شيخ جهنڊو مسائخ پاران رٿيون ويو آهي هڪ تاريخ رقم ٿيندي ، جڏهن ته پ پ پ رهنما صنم راڄپر چيو ته جتي لکين مرد اسلام آباد جو رخ ڪندا اتي اسان عورتون به لکن يج تعداد ۾ اسلام آباد جو رخ ڪنداسين هي لانگ مارچ به تاريخ رقم ڪندو ، جڏهن ته تياريون مڪمل ٿي چڪيون آهن ۽ ڪپتان جون هن وقت ئي ٽنگو ڏڪي رهيون آهن ، عوام ڪپتان جي غلط پاليسن جي ڪري عوام کي مجبور جيو آهي ته هو گهر ڇڏي ڪپتان کي گهر ڀيڙو ڪن اهو وقت اچي ويو آهي اپوزيشن تيار آهي ، مان عرض ڪندس ته هن وقت به پاڪستان نازڪ دور مان گذري رهيو آهي مهنگائي سان گڏ جهڙي ريت رياست پاڪستان ۾ ڪپتان جي حڪومت ۾ صحافي حضرات کي ڳولهي ماريو ٿو وڃي اهو به هن ملڪ لاء وڏو امتحان آهي ، ڪنب عوامي پريس ڪلب جي صدر ناز سولنگي سٽي پريس ڪلب جي انور ناريجو منظور انصاري ، ديدار عباسي ،ا سد وساڻ علي امداد ، شير محمد وجود علي ، ديدار عباسي ، نجيب علي جاويد ملاح سهيل احمد عامر مهيسر ، منٺار ڊومڪي پروڊيوسر صحافي اطهر متين شهيد کي خراج تحسين پيش ڪيو جڏهن ته اهو مطالبو به ڪيو ته اهڙن واقعن جي فوري روڪ ٿام ڪئي وڃي ، پاڪستان م جهڙي ريت خاص سنڌ ۾ نجي تعليمي ادارن عام ماڻهن جو جيئن جنجال بنايو آهي اهو به ڪنهن کان لڪيل انهي ، اهو ئي سبب آهي جو اپوزيشن وقت جو فائدو کڻندي ، گڏ هڪ پليٽ فارم تي اچي حڪومت وقت لاء ڪافي ٽف پروگرام رٿيو آهي جيئن ڪپتان پاڻ ئي گهر ڀيڙو ٿئي ، پر مان عرض ڪندس ته هن وقت ڪپتان جي انتهائي ويجهي دوست جهانگير ترين جي وڏي اهميت آهي جيڪڏهن هو ڪپتان کان پلاند وٺي ته بس هن وقت ايترا قومي اسيمبلي جا ميمبر اهن جيڪي جيڪڏهن ڪپتان خلاف ووٽ ڪاسٽ ڪن ته سائين جن بنا دير جي گهر هليا ويندا ، پر مان سمجهان ٿو ته جن جن جي به ڪپتان خدمت ڪئي آهي اهي هن کي گهر ڀيڙو نه ٿا ڏسڻ چاهين اهي وچ م اچي وري ڪا نئين راند کيڏي سياست جو پاسو پلٽي سگهن ٿا پر في الحال ڪپتان سياست جي ڄار ۾ ڦاٿل نظر اچي رهيو آهي ڪنهن وقت به خراب نتيجه نڪري سگهن ٿا ، ان جو خاص سبب اهو به آهي ته ڪپتان جا پنهنجا من پسند اعتماد وارا دوست في الحال عارضي طور ڪپتان کان ناراض آهن پر مان سمجهان ٿو ته جيڪڏهن اپوزيشن عدم اعتماد جي رٿ پيش ڪري ٿي ته ڪپتان به نئين حڪمت عملي جوري ڪنهن سخت مفاد لاء معاهدو ڪري وري دوستن جو ووٽ وٺي سگهي ٿو تڏهن ته مون سميت ڪيترائي ٻيا چون ٿا ته يه پيارو پاڪستان آهي هي سياست ڪنهن کي سمجهه ۾ نه ايندي ، برحال جيڪڏهن ڪپتان کي پنهنجي دوستن ساٿ نه ڏنو ته نتيجه گهڻا خراب نڪرندا پڪڙ ڌڪڙ به ٿيندي ، ڪرپشن جا ڪيس به کلندا ته لٺ باٺو به هلندو ، يا ائين چوان ته غلط ناهي ته صدارتي نظام به لاڳو ٿي سگهي ٿو ان ڪري نتيجه خراب نڪرڻ جا امڪان چٽا آهن zawarsaeen110@gmail.com










