ويلنگٽن (ويب ڊيسڪ)نيوزيلينڊ جي اسٽار آل رائونڊر جمي نيشام سينٽرل ڪانٽريڪٽ جي آڇ رد ڪري ڇڏي آهي.نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ موجب، جمي نيشام کي دستياب ڪانٽريڪٽ جي آڇ ڪئي وئي پر هن انڪار ڪندي چيو ته هو اوورسيز ڊوميسٽڪ ليگز سان معاهدن تي اڳڀرو هو.ڪرڪيٽ نيوزيلينڊ جو چوڻ آهي ته جمي نسيم جڏهن به دستياب هوندو ته ان جي چونڊ لاءِ غور ڪيو ويندو، جيئن ٻه نان ڪانٽريڪٽ ٿيل ڪرڪيٽر آهن.ٽرينٽ بولٽ ۽ ڪولن ڊي گرانڊ هوم جي وڃڻ کانپوءِ ڪانٽريڪٽ ۾ ٻن رانديگرن جي گنجائش هئي، بليئر ٽڪنر ۽ فن ايلن کي هاڻي سينٽرل ڪانٽريڪٽ لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.ان حوالي سان جمي نيشام ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته مون کي خبر آهي ته سينٽرل ڪانٽريڪٽ رد ڪرڻ جي فيصلي کانپوءِ چيو ويندو ته مون پئسي کي ترجيح ڏني پر جولاءِ ۾ سينٽرل ڪانٽريڪٽ جي آڇ قبول ڪرڻ جو ارادو ڪيو هو.هن چيو ته جڏهن مون کي لسٽ ۾ شامل نه ڪيو ويو ته مون دنيا جي ٻين ليگز سان معاهدا ڪيا، اهو ڏکيو فيصلو هو پر مون پنهنجا واعدا پورا ڪرڻ لاءِ ڪانٽريڪٽ وٺڻ کان انڪار ڪيو.آل رائونڊر چيو ته مان پنهنجي عزم کان پوئتي نه هٽيو آهيان ۽ نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ سان معاهدو ڪيو آهي، نيوزيلينڊ لاءِ کيڏڻ هميشه منهنجي لاءِ اعزاز رهيو آهي، مستقبل ۾ به ملڪ لاءِ کيڏڻ جو خواهشمند آهيان. “










